آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن بابت ايران جو فرانس سان رابطو

آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن بابت ايران جو فرانس سان رابطو

تھران/روم: ايران جي پرڏيهي وزير پنهنجي فرانسيسي هم منصب جين نوئل باروٽ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ته جيئن سندس ملڪ تي آمريڪا-اسرائيلي جنگ تي بحث ڪيو وڃي، جنهن سڄي خطي کي متاثر ڪيو آهي. ايران جي پرڏيهي وزارت موجب عباس عراقچي چيو ته علائقي ۽ هرمز کاڙي ۾ وڌندڙ عدم تحفظ جي پويان واحد عنصر آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا هئا.هن ملڪن تي زور ڏنو ته اهي صورتحال تي ذميواراڻو رويو اختيار ڪن ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي تڪرار کي وڌيڪ وڌائين. عراقچي اهو به چيو ته ايران پنهنجي خودمختياري ۽ قومي سلامتي جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، ھن دعويٰ ڪئي ته تهران جي فوج صرف جارحيت ڪندڙن جي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو آهي ۽ ان جي حملن کي علائقي جي ٻين رياستن تي حملو نھ سمجھيو وڃي. ايراني وزير اهو به چيو ته لبنان ۾ امن اسرائيلي حملن کي روڪڻ سان ئي واڳيل ھوندو.