| آمريڪا ۽ اسرائيل خطي ۾ امن ٿيڻ نٿا ڏين: روس |
ماسڪو (م ڊ) روس چيو آھي تھ آمريڪا ۽ اسرائيل نٿا چاهين تھ خطي ۽ دنيا جي صورتحال معمول تي اچي. روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران ۽ ان جي پاڙيسرين جي وچ ۾ صورتحال کي معمول تي اچڻ جي اجازت نھ پيا ڏين. ايران ۾ جاري حڪومتي تبديلي جي ڪوششن جو مقصد تيل ۽ گئس جي وسيلن تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي جنھن سان وچ اوڀر جو بحران هڪ وسيع تڪرار ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.