| آمريڪا ۽ ايران جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري رکن: پوپ ليو |
ويٽيڪن سٽي (م ڊ) ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ ليو آمريڪا ۽ ايران تي زور ڏنو آهي ته جنگ ختم ڪرڻ لاءِ امن ڳالهيون جاري رکن، تڪرار ايران ۾ معصوم ماڻهن جي پوري آبادي کي متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته مان امن لاءِ ڳالهين جي تسلسل جي حمايت ڪندس ته جيئن سڀئي ڌريون امن کي فروغ ڏيڻ، جنگ جي خطري کي ختم ڪرڻ ۽ بين الاقوامي قانون جو احترام ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن. هن وڌيڪ چيو ته مان هر ڪنهن کي حوصلا افزائي ڪرڻ چاهيان ٿو ته اهي جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪن جيڪي نفرت ۽ ورهائڻ بدران امن مان پيدا ٿين. هن اهو به چيو ته مون کي لبنان جي هڪ مسلمان ٻار جي تصوير ياد آهي جنهن گذريل سال منهنجي دوري دوران ويلڪم پوپ ليو جا پلي ڪارڊ کنيا هئا. اهو ٻار تازي جنگ ۾ مارجي ويو.