آمريڪا ۽ ايران جون اڄ اسلام آباد ۾ ڳالهيون: تهران جا 2 شرط: ايراني جيئرا هجڻ جو واحد ڪارڻ ڳالهيون آهي: ٽرمپ

آمريڪا ۽ ايران جون اڄ اسلام آباد ۾ ڳالهيون: تهران جا 2 شرط: ايراني جيئرا هجڻ جو واحد ڪارڻ ڳالهيون آهي: ٽرمپ

اسلام آباد/تهران/واشنگٽن (بيورو رپورٽ + م ڊ) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون اڄ اسلام آباد ۾ ٿينديون، آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا کان پاڪستان لاءِ روانو ٿيو، آمريڪا مان روانگي کان اڳ جَي ڊِي وينس چيو ته صدر ٽرمپ جون هدايتون وٺي پاڪستان وڃي رهيو آهيان، پڪ آهي ايران سان هاڪاري ڳالهيون ٿينديون، ايران نيڪ نيتي ڏيکارِي ته آمريڪا به تيار آهي، ايران کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي ته قبول نه ڪنداسين، جڏهن ته ايراني وفد به پاڪستان آمد لاءِ تياريون ڪري ورتيون، ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين لاءِ آمريڪي وفد ۾ نائب صدر جي ڊي وينس، خاص ايلچي اسٽيو وِٽڪوف ۽ ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪُشنر شامل هوندا، ايراني وفد ۾ پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر باقر هوندا،  هوڏانهن ايران آمريڪي بحري جهازن کي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، ايران چيو ته معاهدي ۾ دشمني روڪڻ جي ضمانت هجڻ گهرجي، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر سوشل ميڊيا تي بيان ۾ چيو ته ڳالهين کان پهرين 2 معاملا طئه ٿيڻ گهرجن، محمد باقر قاليباف چيو ته ڌُرين ۾ گڏيل طور طئه ٿيل معاملن تي عمل اڃا رهيل آهي، لبنان ۾ جنگبندي ۽ ڳالهين جي شروعات سان ايران جي اثاثن جي بحاليءَ تي اڃا عمل نه ٿيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته آمريڪا واعدن جي پاسداري ڪري، آمريڪا لبنان ۾ جنگبندي جو واعدو ڪيو آهي. ٻئي طرف آمريڪي صدر ٽرمپ ايران سان امن معاهدي لاءِ پُراميد آهي، سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ايراني گهڻي حد تائين سياڻا آهن، جيڪڏهن هُنن معاهدو نه ڪيو ته وڏو تڪليف ڏيندڙ هوندو، اسرائيل لبنان ۾ حملا گهٽائي رهيو آهي، اسرائيلي وزيراعظم گذريل ڏينهن رابطي دوران لبنان ۾ حملا گهٽائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو، آمريڪي صدر چيو ته ايران آبنائي هرمز کان تيل بردار جهازن کي لنگهڻ جي اجازت نٿو ڏئي، هي اُهو معاهدو ناهي جيڪو اسان جي وچ ۾ ٿيو هو، ٽرمپ هڪ ٻئي مختصر بيان ۾ چيو ته دنيا جو سڀ کان طاقتور ري سيٽ، بظاهر ان پوسٽ ۾ وڌيڪ ڪو حوالو ناهي پر آمريڪي ميڊيا ان تي چيو ته ٽرمپ جا جملا ايران ڳالهين بابت آهن. ٽرمپ جو چوڻ هو ته پلانٽير ٽيڪنالاجيز سان جنگي ڪاررواين ۾ پنهنجي  مضبوط صلاحيتن ۽ اوزارن کي ثابت ڪري ڇڏيو، اها ڳالهه اسان جي دشمنن کان پڇو، پلانٽير ٽيڪنالاجيز آمريڪي سافٽ ويئر ڪمپني آهي جيڪي حڪومتي ايجنسيز ۽ دفاعي ۽ ڪاروباري ادارن لاءِ ڪم ڪندي آهي. ٽرمپ چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون يا نه؟ تمام جلد خبر پئجي ويندي، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾  پتو پئجي ويندو، آمريڪي رسالي نيويارڪ ٽائمز سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته آمريڪا پهريان کان وڌيڪ شدت سان فوجي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيندو، ٽرمپ چيو ته ايرانين کي اهو احساس ئي ناهي ته هنن وٽ ڪوئي ڪارڊ ناهي، ايران وٽ آبي گذرگاهن مان دنيا جي ڊگهي مدي واري ڀتاخوري کانسواءِ ڪوئي ڪارڊ ناهي، هن چيو ته ايراني اڄ زنده آهي ته ان جو واحد ڪارڻ ڳالهيون آهن.