آمريڪا ۽ ايران جون ڳالهيون ڇو ڪامياب نه ٿي سگهيون؟ … ادريس لغاري

                 28 فيبروري کان اڳ ايران جون جيڪي ڳالهيون ترڪي جي ذريعي آمريڪا سان ٿي رهيون هيون، تنهن ۾ ايران هر طرح ڪوشش ڪئي ته اهي ڳالهيون ڪامياب ٿين ۽ ايران پنهنجي لاءِ ڪمزور کان ڪمزور معاهدو ڪري جنگ يا آمريڪي حملي کان بچي وڃي.. پر آمريڪا ۽ اسرائيل ان جو غلط اندازو لڳايو ته هاڻي ايران جيڪو ماضي ۾ ڳالهين جي ٽيبل تي هڪ سخت حريف هوندو هو جنهن کان پنهنجي ڪا ڳالهه يا مطالبو تسليم ڪرائڻ آمريڪا جهڙي عالمي طاقت لاءِ به هڪ وڏو چئلينج هوندو هو، اهو ايران صفا سولائي سان اسان جا مطالبا تسليم پيو ڪري، جنهن جو مطلب ايران اندران ڪمزور ٿي چڪو آهي، بس هڪ ٻن ڏينهن جو حملو اتي رجيم چينج آڻڻ ۾ دير نه ڪندو ۽ پوءِ سڄي ايران تي هڪ دفعو ٻيهر آمريڪا جو قبضو ٿي ويندو ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي سڀ کان وڏي دشمن جو خاتمو ٿي ويندو. ائين ان خوش فهمي ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي 28 فيبروري تي اوچتو ايران تي حملو ڪيو ۽ ٽن ڏينهن جي اندر ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي کي پڻ شهيد ڪري ڇڏيو. سچ ته خامنه اي جي شهادت ايران جي عوام جي غيرت ۽ جرئت کي وڏي للڪار ثابت ٿي. ان وقت آمريڪي صدر اعلان ڪيو ته اسان اها جنگ چار پنج هفتا جاري رکنداسين، جنهن جي جواب ۾ ايراني اڳواڻن اعلان ڪيو ته اسان ڇهه مهينا جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. ڪنهن کي به اندازو نه هو ته ايران ايڏي وڏي ۽ گهڻ طرفي مزاحمت ڪري نه صرف آمريڪا ۽ اسرائيل کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيندو پر پوري دنيا کي حيران ۽ هڪ خوشگوار خبر ڏني ته اسان غريب سهي پر اڪ جي ماکي ناهيون.

7 اپريل تي جنگ بندي ٿيڻ کان اڳ پورا چاليهه ڏينهن ايران پنهنجي مٿان آمريڪي ۽ اسرائيلي بم، هر قسم جا هٿيار ۽ خطرا وڏي دليري ۽ جرئت سان برداشت ڪيا ۽ موٽ ۾ ايران اعلان ڪيو ته اسان ڪنهن به ملڪ تي حملو نه ڪنداسين، پر جتان به آمريڪي ميزائيل يا بم آيو اسان جواب ۾ اتي ئي حملو ڪنداسين، پوءِ ڀلي کڻي ڪهڙو به ملڪ، علائقو يا اڏو هجي. ائين ايران وچ اوڀر ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي اتحادين کي رت جون الٽيون ڪرائي ڇڏيون. سعودي عرب، متحده عرب امارات، ڪويت، قطر، مطلب آمريڪا ۽ اسرائيل ايران ۽ لبنان تي حملو ڪيو، موٽ ۾ ايران پنهنجي بچاءِ جو حق استعمال ڪندي وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪي اتحادين کي اهڙو ته سوڙھو ۽ سوگهو ڪيو جو انهن اچي آمريڪا کي منٿون ڪيون ته ايران ختم ٿئي يا نه ٿئي، اسان ايران کان اڳ ختم ٿي وينداسين، اسان جي جان بچايو. پورو وچ اوڀر لڏي ويو. برطانيه کي پنهنجا 92 هزار ماڻهو رات پيٽ ۾ وچ اوڀر مان ڪڍڻا پئجي ويا، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل 56 ڊالرز في بيرل مان وڌي 105 کان 116 ڊالرز في بيرل ٿي ويو. دبئي جو ايئرپورٽ جيڪو هڪ منٽ لاءِ به بند نه ٿيندو هو، اهو ڏينهن جا ڏينهن ۽ هفتن جا هفتا بند رهيو. ايران جي اهڙي غيررواجي جنگي حڪمت عملي ايران کي دشمن تي برتري ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان کانپوءِ اسٽريٽ آف هارموز جو بند ڪرڻ صفا آخري ۽ هڪ زبردست حملي آمريڪا کي صفا پريشان ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ جنهن ڪجهه ڪلاڪن ۽ ڏينهن ۾ پوري ايران کي غلام ڪرڻ جا خواب پئي ڏٺا، سو ڳالهين ۽ حل لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو ۽ ان ۾ پاڪستان جو آپش موجود هو. جيڪڏهن ڪويت، قطر، متحده عرب امارات، سعودي عرب ۽ ٻين اتحادي ملڪن مان ايران تي ٿيل حملا زبردست طريقي سان ڪامياب وڃن ها ته پوءِ آمريڪا ضرور پاڪستان جون حدون استعمال ڪري صفا آخري حملو اتان ڪري ها، پر ايران جي ڪامياب، شاندار ۽ مثالي مزاحمت آمريڪا ۽ اسرائيل کي حيران ڇڏيو ۽ نيٺ آمريڪا پاڪستان کان ايران سان ٺاهه لاءِ هڪ ٽياڪڙ طور ڪم ورتو، جنهن لاءِ ڪيترن اخبارن لکيو آهي ته ٽرمپ خود پاڪستان کي پيشڪش ڪئي ته ايران سان ڳالهيون ڪرايو.

آمريڪا جي پاران ماضي ۾ پاڪستان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، تنهن حوالي سان پاڪستان تي کوڙ ساريون جائز نتقيدون ڪيون آهن ۽ ڪرڻ گهرجن، پر هن وقت پاڪستان هڪ حڊ تائين نهايت ساراهه جوڳو عمل ڪيو آهي ۽ ماضي ۾ اهڙو مثال نٿو ملي. اهڙي طرح پاڪستان ترڪيه، مصر ۽ چين جي تعاون سان ايران سان ڳالهيون ڪيون ۽ 7 اپريل تي صدر ٽرمپ 15 ڏينهن جي جنگ بنديءَ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ وري چيائين ته جيستائين ايران سان ڳالهيون حتمي نتيجي تائين نٿيون پهچن، تيستائين جنگ بندي جاري رهندي. 11 اپريل تي اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا هڪٻئي سان21 ڪلاڪ ڳالهيون ڪيون، آمريڪي وفد جي اڳواڻي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ ايران جي وفد جي قيادت ايران جي اسپيڪر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي ڪئي. اهو ڳالهيون ڪامياب ڇو نه ٿيون سگهيون. تنهن تي تجزيو ڪرڻ کان پهرين هتي اسان ٻنهي ملڪن طرفان ڳالهين کان اڳ پيش ڪيل نقطن جو جائزو وٺنداسين.

ايران امن ڳالهين لاءِ جيڪي ڏهه نقطا پيش ڪيا، اهي هي آهن. 1.آمريڪا طرفان پڪ ڏيڻ ته هو وڌيڪ ڪو به حملو نه ڪندو. 2. ايراني نار (اسٽريٽ آف هارموز) تي ايران جو ڪنٽرول رهندو. (اسٽريٽ آف هارموز اومان ۽ ايران جي وچ ۾ آهي ۽ ڪنهن به طرح پاڻي جي عالمي قانون جو حصو ناهي. هتان دنيا جو 20 سيڪڙو تيل ۽ گئس جا جهاز گذرن ٿا. آمريڪا ۽ اسرائيل جيئن ئي ايران تي حملو ڪيو ته ايران اپريل 2026ع ۾ ان کي مڪمل طور پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو آهي). 3. ائٽمي توانائي پيدا ڪرڻ جي حق کي تسليم ڪندي ايران کي نيوڪليئر انرچمينٽ جو حق ڏيڻ. 4. سمورين بنيادي پابندين (پرائمري) جو خاتمو (معاشي پابندي يعني ڪا به آمريڪي ڪمپني، فرد يا ادارو ايران سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي يا ڪاروبارو نه ڪندو.).5. سمورين ثانوي (سيڪنڊري) پابندين جو خاتمو (ڪا به ٽين پارٽي، ڌر يا ملڪ ايران سان ڪنهن به قسم جو ڪاروبار يا ڏيتي ليتي نه ڪندو، جيڪڏهن ڪو ڪندو ته ان تي سخت ڏنڍ لاڳو ڪيو ويندو). 6. اقوام متحده ۾ ايران خلاف سڀني قراردادن جو خاتمو. (1979ع جي انقلاب کانپوءِ تقريبن 23 سئو قراردادون ايران خلاف اقوام متحده منظور ڪيون، جن ۾ سڀ کان گهڻيون يورنيم انرچمينٽ بابت آهن ۽ اهي ايران کي ايٽم بم ٺاهڻ کان روڪڻ متعلق آهن.). 7. ايران خلاف انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي بورڊ آف گورنرز جي قراردادن جو خاتمو. (2003ع کان وٺي ان اداري ايران خلاف کوڙ ساريون قرارداد منظور ڪيون آهن، جن مان بار بار ايران کان مطالبو ڪيو ويو ته هو پنهنجي اڻ اعلانيل نيوڪليئر مواد بابت اگاهي ڏئي. ياد رهي ته ايران جولاءِ آگسٽ 2025ع اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن کانپوءِ آءِ اي اِي اي سان تعلق معطل ڪري رکيا آهن). 8. اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن ڪري ايران ۾ ٿيل نقصان جو هرجاڻو ادا ڪرڻ. 9. خطي مان آمريڪي فوجن جو نڪرڻ. (اهو نقطو هن وقت ڪنهن به طرح آمريڪا ۽ ان جا اتحادي قبول نه ڪندا، ڇو ته هن وقت تقريبن 40 هزار کان 50 هزار کان تائين آمريڪي فوج وچ اوڀر ۾ موجود آهي ۽ اتي 30 اڏا آمريڪي فوج جي استعمال هيٺ آهن) ۽ ڏهون ۽ آخري نقطو آهي ته لبنان سميت سمورن محاذن تي دشمني ۽ ويڙهه جو خاتمو. وري ٻئي پاسي آمريڪي صدر طرفان به 15 نقطا پيش ڪيا ويا آهن. جن مان ڪجهه مکيه نقطا هي آهن. سڀ کان پهرين ايران نيتانز، اصفهان ۽ فوردو شهرن ۾ نيوڪليئر فيسلٽيز کي مڪمل ختم ڪري. ٻيو اعلان ڪري ته ايران ڪڏهن به نيوڪليئر هٿيار تيار نه ڪندو. ايران جو جيڪو اڳئي انرچيڊ يورنيم آهي اهو انٽرنيشنل ائٽمڪ انرجي ايجنسي حوالي ڪري ۽ ان سان گڏ ان عالمي ايجنسي جي نمائندن کي اجازت ڏئي ته ايران اندر ان جو جائزو وٺن. ايران پنهنجي ميزائيلن جي مار جي حد گهٽ ڪري (يعني اهي اسرائيل تائين مار نه ڪري سگهن)، ايران علائقي ۾ پنهنجي پراڪسيز جي حمايت ختم ڪري ۽ اسٽريٽ آف هارموز کي ٻيهر کولي ڇڏي، جيئن جنگ کان اڳ کليل هو وغيره.

11 اپريل تي جيڪي ڳالهين جا مختلف دور هليا، انهن ۾ کوڙ سارا نقطا بحث هيٺ آيا ۽ اتفاق ٿيندي نظر آيو پر آمريڪا جو زور هو ته ڪنهن به طرح اسٽريٽ آف هارموز ايران جي ڪنٽرول ۾ نه هجي ۽ اتي عالمي اداري يا ٻي ڪنهن ”غيرجانبدار“ ملڪ کي ان جو ڪنٽرول ڏنو وڃي. ٻيو ايران ميزائيلن جي حد گهٽ کان گهٽ ڪري (يعني اهي ڪنهن به طرح اسرائيل تائين پهچي نه سگهن). اهي ٻئي مطالبا ايران لاءِ ناقابل قبول هئا، اهو ئي سبب آهي جو ايراني وفد جي قيادت ڪندڙ اسپيڪر قاليباف چيو ته اسان بلڪل معاهدي ۽ ٺاهه جي ويجهو هئاسين ۽ تقريبن اتفاق ٿي ويو هو، پر پوءِ اوچتو آمريڪا طرفان نوان ۽ ناقابل عمل مطالبا اچڻ شروع ٿي ويا. آمريڪا پاران ايران جو انرچ يورنيم حوالي ڪرڻ تي پڻ ايران جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته اهو اسان جي عوام جي امانت آهي. ايران يورنيم جي حڊ 4 سيڪڙو تائين قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي(ياد رهي ته 2015ع ۾ آمريڪا، جرمني، فرانس سان ٺاهه وقت ايران ان کي 10 سيڪڙو تائين تسليم ڪيو ۽ هاڻي ان کان به گهٽ يعني 4 سيڪڙو تي راضي آهي) پر آمريڪا جا ناجائز مطالبا کٽڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.

پر هتي سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا ياد ڏيارڻ لازمي آهي اها هي ته آمريڪا، جرمني، فرانس ۽ برطانيه آڪٽوبر 2015ع ۾ ايران سان معاهدو ڪيو هو، جنهن کي 8 مئي 2018ع تي ٽرمپ پنهنجي پهرين صدارتي مدي ۾ ختم ڪري ڇڏيو هو.(ياد رهي ته ايران سان اهو معاهدو تڏهوڪي آمريڪي صدر براڪ اوباما ڪيو هو) پر فرانس، برطانيه ۽ جرمني جيڪي آمريڪا جا عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ ويجها ۽ ڀروسي وارا دوست ملڪ هئا ۽ ڪن معاملن ۾ اڄ به آهن، اهي اڄ  به ان معاهدي سان بيٺا آهن. نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه هي آهي ته ٽرمپ پنهنجي پهرين مدي ۾ ايران سان ٿيل معاهدي کي ختم ڪيو ۽ ٻئي مدي جي ٻئي سال ۾ ايران تي حملو ڪري ثابت ڪيو ته هُن کي ايران سان ڪي ”خاص مسئلا“ آهن. ساڳئي وقت هي ڳالهه به اهم آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جو اهو ڪاروباري طبقو ۽ ڪنهن حد ٻنهي ملڪن جي رياست تي قابض ٽولو جيڪي پوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جديد ۽ خطرناڪ هٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙ آهن، جنهن مان انهن کي هر سال سوين اربين ڊالرز ملن ٿا ته اهي ڪيئن چاهيندا ته وچ اوڀر سميت پوري دنيا ۾ امن هجي ۽ انهن جي هٿيارن جو ڪاروبار بند ٿي وڃي. تنهن ڪري اهي جتي به پائيدار ۽ مستقل امن جون ڳالهيون ٿينديون انهن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ  هر ممڪن حد تائين ڇا پر ڪا به حد اورانگهڻ ۾ دير نه ڪندا. تنهن ڪري اهي هن وقت به سرگرم آهن ته ڪنهن نه ڪنهن طرح آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مستقل امن لاءِ ٿيندڙ ڳالهين کي ناڪام بڻائين ۽ اهو ئي سبب جو 7 اپريل کان جنگ بندي ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ڳالهين جا جيڪي دور هليا آهن، اهي ڪنهن به نتيجي تي نه پهچي سگهيا آهن ته انهن جي پويان جيڪو لڪل ۽ ڳجهو هٿ آهي، اهو انهن ڌرين جو آهي.! آخري ڳالهه ته هاڻي 56 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ آمريڪا اندر ٽرمپ کي سخت سوالن ۽ مسئلن کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ٽرمپ ۽ سندس ٽولي جا ناپاڪ مقصد حاصل نه ٿي سگهيا آهن، تنهن ڪري ٽرمپ مڪمل طور ڦاسي پيو آهي ۽ هن جي پوري ڪوشش آهي ته ڪو معاهدو ٿي وڃي ۽ ساڳئي وقت ايران پڻ پنهنجي پوري قوت ۽ مزاحمت سان جنگ ۾ سرخرو ٿي آيو آهي ۽ هاڻي اهو به هڪ قابل تعريف ۽ هڪ ساراهه جوڳو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، تنهن ڪري امڪان آهي ته ڪجهه ڏينهن يا هفتن اندر ٻنهي ملڪن ۾ ڪو قابل تعريف ٺاهه يا معاهدو ٿي ويندو.