آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پيغام پهچائي رهيا آهيون: ترڪي

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پيغام پهچائي رهيا آهيون: ترڪي

انقره (م ڊ) ترڪي جي حڪمران اي ڪي پارٽي جي پرڏيهي معاملن جي وائيس چيئرمين هارون ارمگان ٻڌايو ته انقره تهران ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان جو مقصد تڪرار کي گهٽائڻ ۽ سڌي طرح ڳالهين لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي. ترڪي جا آمريڪا ۽ ايران جي عملدارن ۽ اڳواڻن سان مضبوط لاڳاپا آهن ۽ هو ٻين ملڪن سان گڏ امڪاني ٽياڪڙ جي حيثيت سان پاڻ کي پوزيشن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.