آمريڪا ۽ ايران ڀروسو ڪري پاڪستان آيا، مهانگو ورتل تيل سستو کپائڻ سان قرض وڌندا: مراد شاهه

  آمريڪا ۽ ايران ڀروسو ڪري پاڪستان آيا، مهانگو ورتل تيل سستو کپائڻ سان قرض وڌندا: مراد شاهه

ڀان سيدآباد(رپورٽ: مظفر کوکر)  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران پاڪستان تي ڀروسو ڪري پاڪستان آيا جيڪا پاڪستان لاءِ قابل فخر ڳالهه آهي، تيل جي عالمي قيمت وڌي آهي، تيل ٻاهر کان گهرائڻو پوي ٿو. تيل ٻاهر کان مهانگو اچي ۽ اهو سستو وڪرو ٿئي ته حڪومت تي قرض وڌي ٿو. منشيات خلاف ڪارروائي تي صحافي لکن ٿا ته ظلم ٿي  ويو،  سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وڃي ٿي، اڳوڻي  وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي 19 ورسي تقريب کي خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير  مراد  علي شاهه چيو ته حڪومت پاڪستان ۽ چئني صوبائي حڪومتن فيصلو ڪيو ته عوام کي سبسڊي فراهم ڪئي وڃي. موٽرسائيڪل وارن کي سبسڊي طور 2 هزار روپيا فراهم ڪري رهيا آهيون. ڀاڙن واري معاملي تي  ٽرانسپورٽرز سان ڳالهايو آهي.  وڏي وزير وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو هدايت ڪئي آهي ته غريب طبقي جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مدد ڪئي وڃي. اڄ جيڪو ڪجهه آهيان پنهنجي والد سيد عبدالله شاهه ۽ پيپلز پارٽي جي ڪري آهيان سيد  عبدالله شاهه عوام سان تمام گهڻو پيار ڪندو هيو. سيد عبدالله شاهه کي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو، پاڻ عوام جي خدمت ڪئي. مراد علي  شاهه چيو ته نه صرف سيوهڻ پر پوري سنڌ صوبي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪاروائيون ٿين پيون. منشيات جي  ڪاروبار ۾ ملوث پوليس عملدارن کي به سزائون مليون آهن. منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ٿئي ٿي ته ڪجهه صحافي لکن ٿا ظلم ٿيو آهي، ۽ سوشل ميڊيا تي مهم هلائين ٿا، ظلم اهي ڪن ٿا جيڪي منشيات هلائين ٿا. صحافي ڀائرن کي به تعاون جي گذارش آهي ته جيئن پوليس منشيات خلاف ڪاروائي ڪري ته ميڊيا تعاون ڪري، وڏي وزير  چيو ته ميرپورخاص ۾ فهيده لغاري واقعي تي افسوس ٿيو، انهي واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ٿيندي