آمريڪا ۽ ايران ڳالهيون اهم مرحلي ۾ داخل، دنيا تهران جي جواب جي منتظر، هفتي ۾ معاهدو ٿي سگهي ٿو: ٽرمپ

آمريڪا ۽ ايران ڳالهيون اهم مرحلي ۾ داخل، دنيا تهران جي جواب جي منتظر، هفتي ۾ معاهدو ٿي سگهي ٿو: ٽرمپ

واشنگٽن/تهران/اسلام آباد (م ڊ) آمريڪا ۽ ايران ۾ جنگبندي جي جزوي معاهدي تي غور، فريم ورڪ تيار، ڳالهين اهم مرحلي ۾ داخل، دنيا کي آمريڪي تجويزن تي تهران جي جواب جو انتظار، سفارتي ڪوششون به تيز، ايراني صدر چيو آهي ته آمريڪا جو رويو پٺي ۾ ڇرو هڻڻ برابر آهي، آمريڪي صدر چيو آهي ته هفتي ۾ معاهدو ٿي سگهي ٿو، هرمز کولڻ لاءِ ايران ڊيل نه ڪئي ته ٻيهر حملا ڪنداسين. عالمي ميڊيا رپورٽس موجب پهرين مرحلي ۾ جنگ جو باضابطا خاتمو ڪيو ويندو، ٻئي مرحلي ۾ هرمز بحران حل ڪيو ويندو، ٽئين مرحلي ۾ جامع معاهدي تي ڳالهيون ڪيون ويندو، برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب آمريڪا ۽ ايران جنگبندي جو جزوي معاهدو ٿيڻ جو چٽو امڪان وڌي رهيو آهي، اهڙي منصوبي جو جائزو ورتو پيو وڃي جنهن سان جنگ رڪجي وڃي، وڏي تڪرار کي بعد ۾ ڏٺو ويندو، اهو منصوبو جامع امن معاهدي بدران هڪ صفحي جي مختصر مفاهمتي يادداشت تي ٻڌل آهي، رائٽرز موجب  جزوي معاهدي جو مقصد جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ کان روڪڻ ۽ هرمز ۾ بحري ٽريفڪ بحال ڪرڻ آهي، باقي مسئلا اڳتي سڌي ريت ڳالهين ۾ بحث هيٺ ايندا، هن منصوبي جا ٽئي مرحلا آهن، پهريون مرحلو جنگ جو باقاعده خاتمو، ٻيو مرحلو هرمز جي بحران جو حل آهي ۽ ٽئين مرحلي ۾ وسيع معاهدي لاءِ جامع ڳالهيون شامل آهن. ايراني پرڏيهي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته اڃا تائين آمريڪي تجويزن جو باضابطه جواب ناهي ڏنو، في الحال آمريڪي پيغامن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ايران جي پوري توجهه جنگبندي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام تي آهي.هن چيو ته هڪ ڀيرو فيصلو ٿيڻ بعد پنهنجون تجويزون پاڪستاني ٽياڪڙن تائين پهچائي ڇڏينداسين، ۽ پيغامن جي ڏي وٺ جي بنياد تي ايندڙ قدمن جو تعين ڪيو ويندو، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان فون تي رابطو ڪيو، پاڪستاني پرڏيهي ترجمان موجب اسان پراميد آهيون ۽ معاهدو وقت کان اڳ ٿيڻ جي اميد رکون ٿا، هن چيو ته ڳالهين جي ايندڙ دور جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو، پر اهڙي ڪنهن به دور جي ميزباني ڪرڻ پاڪستان لاءِ اعزاز هوندو، معاهدو هڪ صفحي جو هوندو يا نه؟ ان تي في الحال ڪجهه نٿا چئي سگهون، هن چيو ته عراقچي پاران ڊار کي چين دوري کان آگاهه ڪيو ويو، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت کان آگاهه ڪيو، پاڪستاني سفارتي ڪوششن جي ساراهه ڪئي.ٻنهي اڳواڻن سفارتي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چٽو امڪان آهي ته ايران آمريڪا جنگبندي پائدار هوندي، خطي ۾ امن قائم ٿيندو، جنگ روڪرائڻ لاءِ پاڪستان وڏو ڪردار ادا ڪيو، ايران ۽ آمريڪا سان ڏينهن رات رابطا ڪري جنگبندي ۾ واڌ ڪرائي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطري وزيراعظم ۾ رابطو ٿيو، خطي جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون، خطي ۾ امن لاءِ سفارتي ڪوششون اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، قطري وزيراعظم پاڪستاني سفارتي ڪوششن جي ساراهه ڪئي.هوڏانهن ايراني صدر معسود پزشڪيان جو فرانسيسي صدر ميڪرون سان فون تي رابطو ٿيو، ايراني صدر چيو ته آمريڪا جو رويو پٺيءَ ۾ ڇرو هڻڻ برابر آهي، واشنگٽن پنهنجي طرز عمل جو رخ سفارتڪاري کان خطرن، دٻاءَ ۽ پابندين جي طرف موڙي ڇڏيو آهي، آمريڪا تي اعتماد نه ٿو ڪري سگهجي، پزشڪيان چيو ته اثرائتين ڳالهين لاءِ جنگ جو خاتمو ۽ ضمانت ضروري آهي ته مستقبل ۾ ايران خلاف ٻيهر فوجي ڪارروائي نه ڪئي ويندي، يو اي اي خلاف فوجي ڪارروائي جي ترديد ڪئي، مسعود پزشڪيان چيو ته ايران جي هٿياربند فوج  عسڪري قدم کڻندي آهي ته واضح اعلان ڪيو ويندو آهي، ايران ڊگهي عرصي تائين هرمز لنگهه جي سلامتي جو ضامن رهيو آهي، آمريڪي قدم خطي جي استحڪام ۾ رڪاوٽن جو سبب بڻيا آهن، هرمز لنگهه ٻيهر کولڻ بابت ڳالهين لاءِ آمريڪي ناڪابندي جو خاتمو ضروري آهي، فرانسيسي صدر ميڪرون جنگبندي جي فريم ورڪ جي حمايت ڪندي تسليم ڪيو ته آمريڪي ناڪابندي ۽ لبنان تي اسرائيلي حملا جنگبندي جي ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچن ٿا، فرانس ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۽ تهران تي لاڳو پابندي ختم ڪرڻ جي عمل ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي. پاسداران انقلاب جي اڳوڻي سربراهه ۽ ايران جي نئين سپريم ليڊر جي صلاحڪار محسن رضائي چيو آهي ته ايران ايٽمي معاملي تي ڪنهن سان به ڳالهيون نه ڪندو ۽ آبنائي هرمز تي ڪنٽرول ايران وٽ ئي رهڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن آبنائي هرمز جو ڪنٽرول ۽ انتظام ايران جي هٿن مان نڪري ويو ته دشمن ٻيهر ان کي ايران ۽ ان جي عوام خلاف هٿيار طور استعمال ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ايراني ماڊل ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته خطي جي سلامتي خطي جي پنهنجي ملڪن کي ئي فراهم ڪرڻ گهرجي، پرڏيهي فوجون، ڀلي آمريڪي هجن يا يورپي، انهن کي خطي مان نڪري وڃڻ گهرجي. جڏهن ته مصر جو صدر عبدالفتاح السيسي سلطنت عمان پهچي ويو، عمان جي سلطان هيثم بن طارق ۽ مصري صدر ۾ ملاقات ٿي، ايران، آمريڪا ڇڪتاڻ، خطي ۾ سياسي ۽ معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.ٻنهي اڳواڻن تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي زور ڏنو. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان جنگبندي معاهدو هڪ هفتي ۾ ٿي سگهي ٿو، آمريڪي صدر پاران گذريل 24 ڪلاڪن دوران ايران سان هاڪاري ڳالهيون ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران آبنائي هرمز کولڻ لاءِ معاهدو نه ڪيو ته ٻيهر حملا شروع ڪيا ويندا، ايران سان معاهدي جا چٽا امڪان آهن، آمريڪا ايران جو رچاءُ ٿيل يورينيم حاصل ڪري رهيو آهي، ايران کي جوهري هٿيار رکڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽومي پگوٽ چيو آهي ته آمريڪا ايران سان ڪنهن به معاهدي ۾ جلدبازي نه ڪندو ۽ ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏني ويندي ته هو واشنگٽن کي خراب معاهدي تي مجبور ڪري. عرب ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽومي پگوٽ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح طور سفارتي رستي کي ترجيح ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪا صرف اهڙو معاهدو قبول ڪندو جيڪو آمريڪي مفادن مطابق هجي. ايران کي ڪنهن به صورت ۾ جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.