آمريڪا ۽ ايران ۾ جامع امن معاهدو ٿيندو: آمريڪي سفير

جُون 25, 2025

واشنگٽن (پنهنجي ڊيسڪ ) آمريڪا جي وچ اوڀر لاءِ سفير اسٽيو وٽڪوف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ هڪ جامع امن معاهدو ٿيندو، پر ايران کي مستقبل ۾ يورينيم جي وڌاءُ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

آمريڪي ميڊيا موجب اسٽيو وٽڪوف چيو ته ايراني ايٽمي سهولتن تي آمريڪي حملي جو مقصد ايران کي يورينيم جي پکيڙ روڪڻ هو.

آمريڪا جي وچ اوڀر جي سفير وڌيڪ چيو ته مستقبل جي ڪنهن به معاهدي تحت ايران کي يورينيم کي افزوده ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويندو ۽ ايران کي يورينيم کي وڌاءُ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ آمريڪا 3 ايراني ايٽمي سهولتن تي بمباري ڪئي هئي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته آمريڪي جهازن فوردو، نطنز ۽ اصفهان ايٽمي هنڌن کي نشانو بڻايو هو ۽ ايران جي ايٽمي سهولتن کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

جڏهن ته صدر ٽرمپ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ 12 ڏينهن جي تڪرار ۾ اڱاري تي جنگ بندي جو اعلان ڪيو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • رستم واسي نوجوان جو ڪراچي جي ايڌي سينٽر مان لاش هٿ

  • اداڪارا حميرا اصغر جو پوسٽ مارٽم، فليٽ جي به مسواڙ نه ڏنل هئي

  • لاڙڪاڻي جي ايڌي پينگهي ۾ حوا جي ڌيءَ جي آمد

  • اڇڙي ٿر واسي اغوا، زنجيرن ۾ قيد واري وڊيو وائرل، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب