| آمريڪا ۽ سعودي جا عراق ۾ حملا، 4 فوجي صلاحڪارن سميت 20 ڄڻا مارجي ويا، ايران پاران اردن ۾ آمريڪي اڏو نشانو |
تهران/بغداد/رياض/واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۽ سعودي عرب پاران عراق جي ٻن صوبن ڪربلا ۽ نينويٰ تي گڏيل حملا ڪيا ويا، پاپولر موبلائزيشن فورسز جا 20 ڄڻا مارجي ويا، 32 زخمي ٿي پيا، سڀ کان وڏو حملو نينوا صوبي ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا، عراق ۾ آمريڪا ۽ سعودي جي حملن ۾ مارجي ويلن ۾ پاسداران انقلاب جا 4 فوجي صلاحڪار به شامل ڄاڻايا ويا آهن.آمريڪي سينٽ ڪام ۽ سعودي عرب جي دفاع واري وزارت جي حملن جي تصديق ڪئي، آمريڪي سينٽ ڪام جو چوڻ آهي ته ايراني حامي گروپ آمريڪي فورسز ۽ سعودي توانائي جي ڍانچي تي حملن جي تياري ڪري رهيا هئا، سعودي جي دفاعي وزارت جي ترجمان ميجر جنرل ترڪي المالڪي چيو آهي ته عراق مان سعودي عرب جي اوڀر علائقي ۽ رياض ۾ تيل جي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا هئا، سعودي عرب پنهنجي دفاع وارو حق استعمال ڪندي عراق تي ٽارگيٽڊ حملا ڪيا، سعودي عرب پنهنجي سرزمين ۽ عوام جي دفاع ۾ جڏهن چاهيندو ۽ جتي چاهيندو ڪارروائي ڪندو، سعودي خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ نه ٿو چاهي، عراق ۾ جوابي حملا رڳو جارحيت ڪندڙن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيا ويا، جڏهن ته ايران پاران اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي ۽ سينٽ ڪام مرڪز کي ميزائلن سان نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، اردن جو چوڻ آهي ته ايران طرفان فائر ڪيل 5 ميزائل هوا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيا. هوڏانهن اردن ۾ آمريڪي اڏن ۽ آمريڪي سينٽ ڪام جي مرڪز تي ايراني حملن بعد ٽرمپ پاران ايران تي سخت حملن جي ڌمڪي ڏني وئي، ٽرمپ چيو ته اردن ۾ آمريڪي فوج کي نشانو بڻائڻ تي ايران کي سخت سبق سيکارينداسين، ايراني حمايت يافته مليشيا گروپ دنيا لاءِ ڪينسر آهن، عراق ۾ مليشيا گروپن تي حملا عراقي حڪومت جي سهڪار سان ڪيا ويا، ايران پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اردن ۾ سينٽ ڪام مرڪز ۽ فوجي اڏي کي نشانو بڻايو، حملو آمريڪي جارحيت جي جواب ۾ ڪيو ويو، جيستائين آمريڪي جارحيت جاري رهندي مزاحمت جاري رهندي، ٻئي طرف حملن کان پوءِ عراقي وزيراعظم قومي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو، سعودي، قطر، بحرين ۽ ڪويت سان رابطا ڪيا، حملن جي مذمت ڪئي. جڏهن ته آبنائي هرمز تي آمريڪا ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، ايران عمان جي هرمز جي عارضي انتظام واري تجويز رد ڪري ڇڏي، ايراني نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو ته ڪڏهن به ڏاکڻي رستي کي تسليم ناهي ڪيو، اهو لنگهه اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي خلاف آهي، آمريڪا هرمز تي ايراني مطالبن کي غيرضروري قرار ڏنو، آمريڪا چيو ته ايراني مطالبن کي عالمي برادري رد ڪري ڇڏيو آهي، ايم او يو صرف هم آهنگي لاءِ آهي