جيڪب آباد(رپورٽر) چرٻيلي جرڳن ڪرائڻ طور مشهور مير منظور پنهور جو ننڍو پٽ آمريڪا ۾ هئڻ سبب مڙهه ڪراچي کان جيڪب آباد منتقل نه ٿي سگهيو آهي
خانداني ذريعن موجب ته مير سليمان پنهور آمريڪا کان روانو آهي جيڪو رات دير سان ڪراچي پهچندو جنهن کانپوءِ مير منظور خان پنهور جو مڙهه سڀاڻي جيڪب آباد منتقل ڪيو ويندو
مير منظور پنهور گذريل ڏينهن دل بيهڻ سبب ڪراچي ۾ فوت ٿي ويو هو جنهن جو مڙهه ڪراچي جي اسپتال ۾ سردخاني ۾ پيل آهي
پٽ سليمان جو ڏيهه اچڻ کانپوءِ مڙهه تدفين لاءِ جيڪب آباد منتقل ڪيو ويندو جنهن بعد سڀاڻي 4 وڳي جيڪب آباد جي ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي
مير منظور پنهور جي لاڏاڻي کان پوءِ ڪراچي ڊفينس واري بنگلي توڙي آدم خان پنهور ۾ تڏو رکيو ويو آهي تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي