| آمريڪا ۾ دنيا جو سڀ کان ڊگهي قد وارو ڪتو موجود |
نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ دنيا جي سڀ کان ڊگهي قد واري ڪتي عالمي ريڪارڊ جوڙي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ڪنيڪٽيڪٽ ۾ رهندڙ جوڙي وٽ دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو قد رکندڙ ڪتو موجود هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪين ۽ ليزا نالي جوڙي وٽ موجود ان ڊگهي ڪتي جو قد 3 فوٽ 2 انچ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، ميني نالي ڪتي جي پهرين سالگرهه پڻ ملهائي وئي ان موقعي تي سندس وزن ڪيو ويو حيرت جي حد تائين سندس وزن به وڌي 16 ڪلو کي پهچي ويو آهي. ڪتي جون تصويرون ۽ رپورٽون وائرل ٿيڻ بعد گنيز بڪ آف دي ورلڊ انتظاميا ڪنيڪٽيڪٽ پهچي ڪتي جي قد جي ماپ ڪئي ۽ جاچ بعد سندس نالو ريڪارڊ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ڪتي جي مالڪياڻي ليزا ڪين جو چوڻ آهي ته هن ميني کي ٻن مهينن جي عمر ۾ هنج ورتو ان وقت سندس قد ننڍو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي وڌڻ شروع ٿيو