آمريڪا ۾ دهشتگردي: وائٽ هائوس ٻاهران فوج تي فائرنگ، 3 اهلڪار زخمي، هڪ افغان شهري گرفتار

  آمريڪا ۾ دهشتگردي: وائٽ هائوس ٻاهران فوج تي فائرنگ، 3 اهلڪار زخمي، هڪ افغان شهري گرفتار

واشنگٽن (م ڊ) امريڪي رياست واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس ڀرسان فائرنگ ۾ نيشنل گارڊز جا 2 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، فائرنگ ڪندڙ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته حملي آور افغان شهري آهي. امريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته وائيٽ هائوس ڀرسان هڪ شخص نيشنل گارڊز جي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب، فائرنگ جي واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري فائرنگ واري هنڌ پهتي، فائرنگ سبب زخمي ٿيل ٻنهي اهلڪارن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. امريڪي عملدارن موجب، شڪي شخص جي سڃاڻپ 29 سالن جي افغان شهري رحمان الله لڪنوال طور ٿي، جيڪو 2021 ۾ امريڪا آيو هو. ٻئي پاسي وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي کانپوءِ وائيٽ هائوس کي عارضي طور بند ڪيو ويو، واقعي واري هنڌ کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي. امريڪي هوم لينڊ سڪيورٽي جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته هون قانون لاڳو ڪندڙادارن سان گڏجي ڄاڻ گڏ ڪري رهيا آهن، هوڏانهن امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيشنل گارڊز تي فائرنگ ڪندڙ کي جانور قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعو دهشتگردي قرار ڏنو آهي، حملي آور کي سخت سزا ملندي. وائيٽ هائوس ڀرسان فائرنگ جي واقعي تي رد عمل ڏيندي صدر ٽرمپ چيو ته نيشنل گارڊز جي اهلڪارن تي فائرنگ ڪندڙ کي ڳري قيمتي چڪائڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته خدا اسانجي نيشنل گارڊز، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي محفوظ رکي. ٻئي پاسي واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس ڀرسان نيشنل گارڊ جي اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ 500 فوجين جي مقرري جو اعلان ڪيو ويو آهي.