آمريڪا ۾ شاگرد اسڪول وڪڻڻ جو اشتهار ڇپرائي ڇڏيو

مَي 31, 2023

واشنگٽن ( نيوز ڊيسڪ) آمريڪا ۾ شاگرد اسڪول وڪڻن جو اشتهار  ڏئي ڇڏيو، درسگاهه 42 هزار 89 هزار ڊالر ۾ وڪڻڻ جي آڇ ڪئي وئي

آمريڪي رياست ميري لينڊ ۾ ميڊ هاءِ اسڪول کي شاگرد وڪڻن جو اشتهار ڏئي ڇڏيو، شاگرد اسڪول کي اڌ قيد خانو قرار ڏيندي ان کي وڪڻڻ جي آڇ ڪئي

شاگرد اشتهار ۾ تفصيل ڄاڻايا ته اسڪول جي 15 باٿ رومز ۾ گندي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو آهي،  باسڪٽ بال ڪورٽ سان گڏ هڪ بهترين رڌڻو ۽ ڊائننگ روم به آهي

اشتهار ۾ چيو ويو ته پڪچري جي بدبو ۽ گدلاڻ واري هوا ۽ پاڻي جي  مسئلن جون خصوصيتون به ملي سگهنديون

اسڪول جي ترجمان  بوب مزيٽر چيو ته ڪيترين ئي خصوصيتن سان مالا مال اسڪول کي ايتري سستي رقم ۾ وڪڻڻ واري اشتهار تي حيراني ٿي آهي

Leave A Comment