آمريڪا ۾ عورت بنا ڊرائيور هلندڙ ٽيڪسي ۾ ٻار کي جنم ڏنو

نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ عورت بنا ڊرائيور هلندڙ ٽيڪسي ۾ ٻار کي جنم ڏنو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست سان فرانسسڪو ۾ هڪ عورت يونيورسٽي آف ڪيلفورنيا وڃڻ لاءِ بنا ڊرائيور هلندڙ ٽيڪسي بڪ ڪرائي. عورت کي رستي ۾ ويم جي تڪليف ٿي جنهن تي هن ٽيڪسي کي اسپتال ڏانهن وڃڻ جي هدايت ڏني پر اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي عورت ٽيڪسي ۾ ئي ٻارڙي کي جنم ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب وايو مو ڪمپني جي انتظاميا پنهنجي گاڏي ۾ غير معمولي چرپر محسوس ڪرڻ بعد مسافر عورت سان رابطو ڪيو ۽ 911 ايمرجنسي کي اطلاع ڪيو، ان دوران گاڏي پاڻمرادو هلندي رهي ۽ ماءُ ۽ سندس ٻارڙي کي محفوظ طريقي سان اسپتال پهچائي ڇڏيو. اسپتال انتظاميا تصديق ڪئي ته ٻئي محفوظ آهن ۽ کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي.