| آمريڪا ۾ عورت کي خاص نمبرن هڪ لک ڊالر کٽرائي ورتا |
نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ عورت کي خاص نمبرن هڪ لک ڊالر کٽرائي ورتا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ڪيرولا جي شهر هاءِ پوائنٽ ۾ نورما نائٽ خاص نمبر واري لاٽري ورتي. نورمانائٽ هميشه سالگراهون ۽ اينيور سيريز وارا نمبر خريد ڪري ٿي. سالن کان اها ئي سيريز خريد ڪرڻ سبب هن ڀيري قسمت کلي پئي . نورما نائٽ 4 وائٽ بالز ۽ هڪ پاور بال ميچ ڪئي ۽ 50 هزار ڊالر کٽيا. لاٽري جي اصول تحت انعام کٽڻ بعد اهو ٻيڻو ٿي هڪ لک ڊالر ٿي ويو. ان حوالي سان نورما نائيٽ جو چوڻ آهي ته انعامي رقم مان گهر جي مرمت ۽ مڙس لاءِ ٽريڪٽر خريد ڪنديس.