آمريڪا ۾ مالدار شخص ڪجهه گهڙين ۾ 25 لک ڊالر ورهائي ڇڏيا

جُون 2, 2023

بوسٽن ( انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا جي يونيورسٽي ميساچيوسيٽس ۾ شاگردن کي انعام ڏيڻ واري تقريب دوران رابرٽ هيل ڪامياب شاگردن لاءِ انعام جو اعلان ڪري خلق کي حيران ڪري ڇڏيو

گرينائٽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ 5 ارب ڊالرن جي ملڪيت جي مالڪ اوچتو ڊائيس تي اچي ڪامياب ٿيل هر هڪ شاگرد لاءِ هڪ هزار ڊالر انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو

 رابرٽ هيل ڪامياب ٿيل اڍائي هزار شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جو اعلان ڪري سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، هن هر هڪ شاگرد کي ٻه ٻه لفافا ڏنا جن م برابر رقم هئي جنهن جو مقصد هو ته هڪ لفافو شاگرد پاڻ وٽ رکن ۽ ٻيو ڪنهن ٻئي کي مدد طور ڏين اهڙي ريت هن چند منٽن ۾25  لک ڊالر ورهائي ڇڏيا

رابرٽ هيل جي اهڙي قدم کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، عوام جو چوڻ هو ته ناليواري صنعتڪارجي ان قدم سان شاگردن ۾ وڌيڪ اتساهه پيدا ٿيندو

Leave A Comment