واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ وچ مُدي وارين چونڊن لاءِ ووٽنگ جاري، ايوانِ نمائندگان جي سمورين 435 ۽ سينيٽ جي 35 سيٽن تي مقابلو ٿي رهيو آهي، 36 رياستن ۾ گورنرز به چونڊيا ويندا، هن وقت ايوانِ نمائندگان ۾ ريپبلڪنز جون 218 ۽ ڊيموڪريٽس جون 214 سيٽون آهن، ايوان نمائندگان ۾ اڪثريت لاءِ 435 مان گهٽ ۾ گهٽ 218 سيٽون گهربل هونديون آهن، ميمبر 2 سالن لاءِ چونڊيو ويندو آهي. جڏهن ته سينيٽ ۾ ريپبلڪنز جون 53 ۽ ڊيموڪريٽس جون 45 سيٽون آهن، 2 آزاد ميمبرز به موجود آهن.سينيٽ ۾ سادي اڪثريت لاءِ 100 مان 51 سيٽون گهربل آهن، سينيٽ ۾ 50-50 سيٽون هجڻ تي نائب صدر جو ووٽ فيصلائتو هوندو، سينيٽر جي چونڊ 6 سالن لاءِ ٿيندي آهي، مختلف سرويز موجب ڊيموڪريٽس کي ايوانِ نمائندگان ۾ برتري ملڻ جا امڪان آهن، سينيٽ سان گڏ اهم سيٽن تي سخت مقابلو آهي، سڀني کي انتظار آهي ته ٽرمپ جي پارٽي ريپبلڪنز جو ڪنٽرول رهندو يا اپوزيشن ڊيموڪريٽس کٽي ويندا، دنيا جون نظرون آمريڪي چونڊن تي کتل آهن. هن وقت ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن تي صدر ٽرمپ جي جماعت ريپبلڪن جو ڪنٽرول آهي، ايران جنگ، مهانگائي ۽ سخت اميگريشن پاليسي ٽرمپ انتظاميا لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي، ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪي رياست ورمونٽ ۾ مقامي وقت موجب پولنگ صبح 5 وڳي شروع ٿي، ٻين رياستن نيوهيمپشائر، نيوجرسي، نيويارڪ، ورجينيا ۾ صبح 6 وڳي شروع ٿي. جيڪا اڄ به جاري رهندي.7 رياستن ۾ سخت مقابلا آهن، آمريڪي سينيٽ ۾ اڪثريت جو فيصلو ڪندڙ اهم رياستون الاسڪا، ٽيڪساس، ڪنساس، مشي گن آهن، چونڊن جا نتيجا طئي ڪندا ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ ايندڙ ٻن سالن تائين حڪومت هلائڻ آسان هوندو يا ڏکيو؟ ملڪ ۾ هينئر تائين 5 ڪروڙ 80 لک آمريڪي شهري اڳواٽ ووٽنگ ذريعي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا آهن، جيڪو وچ مدتي چونڊن لاءِ رڪارڊ ٽرن آئوٽ آهي. شروعاتي ووٽنگ دوران 2 ڪروڙ 90 لک ماڻهن ذاتي طور ووٽ ڏنو، 2 ڪروڙ 30 لک آمريڪين پوسٽ ذريعي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، 2022ع ۾ 4 ڪروڙ 60 لک ماڻهن پيشگي ووٽ ڏنو هو. جڏهن ته ٽرمپ پاڻ هن چونڊ ۾ اميدوار ناهي، پر هن پنهنجي حامين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اهڙي طرح ووٽ ڏين، ڄڻ هو پاڻ به بيلٽ پيپر تي موجود هجي، ٽرمپ چيو آهي ته چونڊن جي وائيٽ هائوس مان نگراني ڪندس، منهنجي خيال ۾ نتيجا سوچ کان به وڌيڪ سٺا ثابت ٿيندا، انتهاپسند کاٻي ڌر کي آمريڪا تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين.مشي گن ۾ عبدالسيد جهڙو اميدوار کي اسرائيل جي بهاني تنقيد ڪندا آهن، انتظاميا جا ڪارناما فراموش ڪرڻ نه ڏيندس.
واشنگٽن: اڪثر سرويز موجب مڊٽرم چونڊن بعد ڊيموڪريٽس ايوان نمائندگان ۾ برتري حاصل ڪري سگهن ٿا، پر ريپبلڪن کان ٻنهي ايوانن جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ ڊيموڪريٽس کي سينيٽ جون چار، ايوان نمائندگان جون 3 اضافي سيٽون کٽڻيون پونديون، انهي سلسلي ۾ ڪجهه اهم رياست جا نتيجا اهم هوندا، الاسڪا، ٽيڪساس، مشي گن به شامل آهن، مشي گن ۾ سينيٽ جو مقابلو سڀ کان وڌيڪ دلچسپ قرار ڏنو پيو وڃي، جتي ڪوئي موجوده سينيٽر اميدوار ناهي، اهو مقابلو خاص توجهه جو مرڪز آهي، ڊيموڪريٽڪ اميدوار عبدالسيد جيڪڏهن کٽي ٿو ته آمريڪا جو پهريون مسلمان سينيٽر بڻجي ويندو، پر کيس ريپبلڪن اميدوار مائڪ راجرز جو سخت مقابلو آهي، ان سان گڏ پنهنجي ئي پارٽي جو هيلي اسٽيونز سان اختلاف پڻ آهن، جنهن پنهنجي پارٽي بدران ريپبلڪن اميدوار مائيڪ جي حمايت جو اعلان ڪيو، ٽرمپ به چونڊ مهم دوران مشي گن مان عبدالسيد کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، سندس لاءِ چيو ته هو يهودين، گورن ۽ ڪاري نسل جي ماڻهن کان نفرت ڪري ٿو، سي اين اين سرويز موجب چونڊن واري ڏينهن ڊيموڪريٽس کي ڪانگريس لاءِ ووٽنگ ۾ ريپبلڪنز تي 9 پوائنٽس جي برتري حاصل آهي، رائٽرز جي سرويز موجب ٽرمپ جي مقبوليت هيل تائين جي سڀ کان گهٽ ترين سطح تي برقرار آهي، سروي ۾ آمريڪي ووٽرز جي وڏي انگ مڊٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن صدر ٽرمپ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، انهي جو ڪارڻ ايران جنگ، تيل اگهن ۾ واڌ، مهانگائي، سخت اميگريشن پاليسي ڄاڻايو پيو وڃي، ريپبلڪن پارٽي کي سياسي نقصان جو خدشو آهي، 46 سيڪڙو ماڻهن ڪانگريس ۾ ڊيموڪريٽس ۽ 38 سيڪڙو ماڻهن ريپبلڪنز جي حمايت ڪئي. 32 سيڪڙو ماڻهن وائيٽ هائوس ۾ صدر ٽرمپ جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، 64 سيڪڙو ماڻهن چيو ته اهي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهن، اهڙي طرح رجسٽرڊ ووٽرز مان 50سيڪڙو چيو ته ڪانگريس ۾ هنن جو ووٽ ٽرمپ جي خلاف هوندو، 78 سيڪڙو ماڻهن مهانگائي جو ووٽ ۾ وڏو ڪردار قرار ڏنو، 43سيڪڙو ڊيموڪريٽس ۽ 32 سيڪڙو ماڻهن انهي معاملي ۾ ريپبلڪنز کي ترجيح ڏني. آمريڪي اڪثريتي عوام ايران جنگ جي ڪري به ٽرمپ جي مخالفت ڪئي.