| آمريڪا ۾ وڃايل هڪ ٻي ٻلي مالڪن کي ملي وئي |
واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ ٻي ٻلي گم ٿيڻ جي پنجن سالن بعد پنهنجي مالڪن کي ملي وئي. ٽيڪساس ۾ وليمسن ڪائونٽي ريجنل اينيمل شيلٽر چيو آهي ته ٻلي کي هن سال مارچ جي آخر ۾ آندو ويو هو ۽ جڏهن ان جي مائڪرو چپ اسڪين ڪئي وئي ته ان جي مالڪن جي معلومات سامهون آئي. ٻلي جي مالڪ چيو ته سندس زال کي هڪ اي ميل ملي جنهن ۾ چيو ويو هو ته چپ ملي وئي آهي. جنهن کان پوءِ هن وليمسن ڪائونٽي جي ‘گم ٿيل ۽ مليو لاسٽ اينڊ فائونڊ’ صفحي کي چيڪ ڪيو ۽ اتي هن پنهنجي پالتو ٻلي ڏٺي. شيلٽر جا عملدار اهو ٻڌي حيران ٿي ويا ته ‘ڪٽ ڪيٽ’ نالي هي ٻلي پنجن سالن کان گم هئي. ياد رهي ته ڪجهه هفتا اڳ به هڪ ٻي ٻلي گم ٿي هئي جنهن کي چپ جي مدد سان پنجن سالن بعد مالڪن حوالي ڪيو ويو هو.