| آمريڪا ۾ چڪن ونگ کائڻ جو وڏو مقابلو : رڪارڊ قائم ٿي ويو |
نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ چڪن ونگ کائڻ جي وڏي مقابلي جو عالمي ريڪارڊ قائم ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست نيويارڪ جي شهر بنالو ۾ ڪنوينشن سينٽر ۾ انوکي مقابلي جو انتظام ڪيو ويو، اهو مقابلو عالمي رڪارڊ جوڙڻ لاءِ رٿيو ويو هو، ڪنوينشن سينٽر ۾ چڪن ونگ کائڻ واري ان مقابلي ۾ 499 ماڻهن حصو ورتو، ان مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهن حصو وٺي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو ، ان کان اڳ 397 ماڻهن چڪن ونگ کائڻ جي مقابلي ۾ حصو وٺي رڪارڊ جوڙيو هو . اهو مقابلو 2018 ۾ ايامزون ويب سروسز پاران ڪرايو ويو هو. بنالو شهر جي ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيل مقابلي بابت گنيز بڪ آف دي ورلڊ ريڪارڊ انتظاميا وڏو مقابلو هجڻ جي تصديق ڪئي جنهن بعد ان کي گنيز بڪ ۾ شامل ڪيو ويو.