آمريڪا ۾ 95 سالن  جي پيرسن بس هلائي رڪارڊ جوڙي ورتو

آمريڪا ۾ 95 سالن  جي پيرسن بس هلائي رڪارڊ جوڙي ورتو

انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ 95 سالن  جي پيرسن بس هلائي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي شهر وچيتا فالز ۾ ريمنڊ هيگر نالي پيرسن شخص  پبلڪ ٽرانزٽ سسٽم ۾ بس هلائي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊز جي ٽيم سندس عمر بابت تصديق ڪرائي ته ريمنڊ هيگر  جي عمر 94 سال 176 ڏينهن هجڻ جي تصديق  ڪئي وئي  جنهن بعد سندس نالو گنيز بڪ آف دي ورلڊ ريڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو.  ان حوالي سان پيرسن بس ڊرائيور ريمنڊ هيگنر  جو چوڻ هو ته 14 ورهين جي ڄمار ۾ ئي ڊرائيونگ شروع ڪري ڏني هئي جنهن بعد کيس وڏيون گاڏيون هلائڻ جو شوق ٿيو. هن ٻڌايو ته بعد ۾ هو  فالز  رائيڊ ۾ شامل ٿي ويو  جٿي وڇيتا فالز رائڊ لاءِ  27 سالن کان پبلڪ ٽرانزٽ سسٽم ۾ بس هلائي آهي. ريمنڊ هيگنر  پنهنجو نالو گنيز بڪ آف دي ورلڊ ريڪارڊ ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.