| آمريڪي اداڪارا اين هيٿوي دنيا جي سڀ کان خوبصورت اسٽار قرار |
لاس اينجلس(ڪلچرل ڊيسڪ) نامور هالي ووڊ اداڪارا اين هيٿوي کي پيپل ميگزين 2026 جي دنيا جي سڀ کان خوبصورت اسٽار قرار ڏنو آهي، اين انسٽاگرام تي پيپل ميگزين جو ڪور شيئر ڪيو ۽ ان اعزاز تي ٿورا مڃيا، انٽرويو ۾ پنهنجي 2006ع جي فلم دي ڊيول ويئرز پراڊا جي باري ۾ چيو ته گهڻي دٻاءُ سبب اها فلم اڄ به مون لاءِ سڀ کان وڌيڪ يادگار تجربن مان هڪ آهي. هن پنهنجي ساٿي اداڪارن جو ذڪر ڪندي چيو ته ايملي بلنٽ شاندار انسان آهي، اسٽينلي بيحد مزاحيه ۽ حاضر جواب آهي، ميرل اسٽريپ قابل احترام آهي، واضح رهي ته ان فلم جو سيڪوئل ڊي ڊيول ويئرز پراڊا 2 پهرين مئي تي رليز ٿيندي، گذريل سالن دوران اين کي ڪيترن ئي وڏن اعزازن سان نوازيو ويو آهي جن ۾ اڪيڊمي ايوارڊ، بافٽا، گولڊن گلوب، پرائم ٽائم ايمي ايوارڊ به شامل آهن. هوءَ 2015 جي دنيا جي سڀ کان مهانگي اداڪارائن ۾ شامل هئي.