| آمريڪي اداڪار بين جونز وفات ڪري ويو |
لاس اينجلس (ڪلچرل ڊيسڪ) “ديوڪس آف هيزرڊ” ۾ ڪوٽر ڊيونپورٽ جو مشهور ڪردار ادا ڪندڙ آمريڪي اداڪار بين جونز 84 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.بين جونز جي گھر واري الما ويئٽر سوشل ميڊيا ذريعي سندس لاڏاڻي جي خبر ڏني جنهن ۾ هن ٻڌايو ته اداڪار گھر ۾ موجود هو، جتي کيس دل جو دورو پيو.گهر واري جذباتي پيغام ۾ لکيو ته ’’بين جونز ڀرپور زندگي گذاري،کيس ڪيترن ئي ماڻهن محبت ڏني پر اڄ مون پنهنجي زندگي جي محبت کائي ڇڏي‘‘.