آمريڪي اداڪار جيمس رينسون خودڪشي ڪري ڇڏي

آمريڪي اداڪار جيمس رينسون خودڪشي ڪري ڇڏي

لاس اينجلس(ڪلچرل ڊيسڪ) ايچ بي او جي مشهور ڊراما “دي وائر” ۾ زيگي سوبوٽڪا جو سدا بهار ڪردار نڀائيندڙ 46 سالن جي آمريڪي اداڪار جيمس رينسون خودڪشي ڪري ڇڏي. جيمس رينسون ويجهڙ ۾هڪ وڏي پراجيڪٽ “جنريشن ٽومارو” ۾ اليگزينڊر اسڪارس گارڊ  سامهون ۽ هارر فلم “اِٽ چيپٽر 2“ ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر  ڏيکاريا هئا، رينسون 1979ع  ۾ بالٽيمور ۾ پيدا ٿيو، هن 1993 کان 1997 تائين ميري لينڊ جي شهر ٽائوسن ۾ڪارور سينٽر فار آرٽس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾سکيا ورتي، هن 2002ع ۾ ڊراما فلم ‘ڪين پارڪ’ ۾  معاون اداڪار  طور انٽري هنئي، هڪ سال بعد کيس ‘دي وائر’ ۾ ڪردار مليو. رينسن کي آخري ڀيرو جون 2025ع ۾ ٽيليويزن تي ‘پوڪر فيس’ جي ٻئي سيزن جي هڪ قسط ۾ ڏٺو ويو هو،