| آمريڪي اسرائيلي حملن ۾ 270 ارب ڊالر جو نقصان: ايران پاران نار ملڪن کان به هرجاڻو طلب |
تهران (م ڊ) ايران دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي تازن حملن جي نتيجي ۾ ملڪ کي تقريبن 270 ارب ڊالرن جو وڏو نقصان پهتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري سان گفتگو ڪندي ايراني حڪومت جي ترجمان فاطمه مهاجراني چيو ته انفرا اسٽرڪچر، معيشت ۽ ٻيا شعبا متاثر ٿيا آهن، جنگ دوران ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ايران لاءِ هڪ اهم معاملو آهي، جنهن کي اسلام آباد ڳالهين ۾ به اٿاريو ويو، هرجاڻي جو مطالبو ايران طرفان پيش ڪيل 10 نڪاتي شرطن ۾ شامل آهي. هوڏانهن گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس نالي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ جنگي نقصانن جو هرجاڻو ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. خط ۾ جن ملڪن کان هرجاڻو طلب ڪيو ويو آهي، انهن ۾ قطر، سعودي عرب، بحرين ۽ ڪويت به شامل آهن.