آمريڪي الٽيميٽم ۽ ايران جي جوابي ڌمڪي

ايران طرفان ھيستائين اسرائيل تي ٿيل سڀ کان وڏي ۽ تباھي ڦھلائيندڙ حملي کانپوءِ ٿرٿلو مچي ويو آهي. ايران جي ميزائل صلاحيت ڏسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ھراس ۾ حواس وڃائي ويٺو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪين تي لھي آيو آهي. ھن ايران کي الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن اندر ھرمز واري سامونڊي لنگهه ۾ جھازن جي اچ وڃ مڪمل طور بحال نه ڪئي وئي ته ايران جي مختلف بجلي گهرن تي حملو ڪري انھن کي تباهه ڪيو ويندو، ۽ شروعات سڀ کان `وڏي بجلي گهر ` کان ڪئي ويندي”. ٽرمپ جو هي سخت بيان سندس ان بيان کان صرف هڪ ڏينهن پوءِ آيو آهي، جڏهن هن جنگ کي “گهٽائڻ” جي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪا جنگ هن اسرائيل سان گڏجي 28 فيبروري تي ايران تي مڙهي هئي، جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون جاري هيون. ٽرمپ جي ڌمڪيء جي موٽ ۾ ايران چيو آهي ته جيڪڏهن ايران جي ٻارڻ ۽ توانائي جي ڍانچي تي حملو ٿيو ته هو خطي ۾ آمريڪا سان لاڳاپيل سموري توانائي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائيندو۔ ايران چيو آهي ته هرمز وارو سامونڊي لنگهه سڀني لاءِ کليل آهي، سواءِ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي.

آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران خلاف وڌندڙ فوجي ڪارروايون هاڻي رڳو علائقائي ڇڪتاڻ نه رهيون آهن، پر هڪ اهڙي خطرناڪ عالمي بحران ۾ تبديل ٿي رهيون آهن، جنهن جا اثر دنيا جي هر ڪنڊ تائين پهچي سگهن ٿا. موجوده صورتحال جو تجزيو واضح ڪري ٿو ته هي رڳو طاقت جو مظاهرو يا سفارتي دٻاءُ ناهي، پر هڪ منظم حڪمت عملي آهي، جنهن جو مقصد ايران کي مڪمل طور ڪمزور ڪرڻ ۽ خطي ۾ طاقت جو توازن پنهنجي حق ۾ موڙڻ آهي. آمريڪا جو ايران کي ڏنل الٽيميٽم بين الاقوامي قانونن ۽ خودمختياري جي اصولن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هي عمل نه رڳو ايران لاءِ، پر سڄي دنيا لاءِ هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪري ٿو ته طاقتور ملڪ پنهنجي مرضي مڙهڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا. ان جي مقابلي ۾ ايران جي جوابي وارننگ به ڪنهن نرم لهجي ۾ ناهي، پر صاف لفظن ۾ هڪ اهڙو پيغام آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته ان جا نتيجا صرف هڪ ملڪ تائين محدود نه رهندا. خليج واري علائقي ۾ بجليءَ جي انفراسٽرڪچر تي حملن وارا الٽيميٽم موجوده بحران کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي چڪا آهن. بجليءَ جو انفراسٽرڪچر رڳو علائقائي اهميت جو حامل ناهي، پر عالمي معيشت جي شه رڳ آهي. انهن تنصيبات جي تباهي جو مطلب آهي عالمي توانائي جي فراهميءَ ۾ وڏو خلل، جنهن سان تيل ۽ گيس جون قيمتون بي قابو ٿي سگهن ٿيون. اهو بحران صرف معاشي نه هوندو، پر سياسي ۽ سماجي افراتفري جو به سبب بڻجي سگهي ٿو، خاص طور تي انهن ملڪن ۾، جيڪي توانائي جي درآمد تي ڀاڙين ٿا.

تجزياتي طور ڏٺو وڃي ته هي صورتحال هڪ خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي هر نئون قدم اڳئين کان وڌيڪ شديد آهي. آمريڪا جي فوجي موجودگي، اسرائيل جون جارحاڻيون حڪمت عمليون، ۽ ايران جو دفاعي پر جارح ردعمل گڏجي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن، جتي ڪنهن به ننڍڙي غلطي يا غلط اندازي سان وڏي پيماني تي مھاڀاري ڀڙڪي سگهي ٿي. تاريخ شاهد آهي ته اهڙيون حالتون گهڻو ڪري ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري وينديون آهن. سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ پهلو ائٽمي جنگ جو وڌندڙ امڪان آهي. روس ايران جي کليل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ سڀئي ڌريون ظاهري طور ائٽمي هٿيارن جي استعمال کان پاسو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن ٿيون، پر جڏهن ڇڪتاڻ پنهنجي انتها تي پهچي ٿي ته پوءِ فيصلا جذبات ۽ دٻاءُ هيٺ ٿيندا آهن. اهڙي صورت ۾ هڪ غلط قدم پوري انسانيت لاءِ تباهي جو دروازو کولي سگهي ٿو. اڄ جي دنيا، جتي اڳ ئي هٿيارن جي ڊوڙ جاري آهي، اتي ڪنهن به قسم جي ائٽمي ٽڪراءُ جا نتيجا ناقابل تصور هوندا. دنيا جي ملڪن تي هن بحران جا اثر اڳ ئي ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. يورپ توانائي جي کوٽ جي خدشن ۾ مبتلا آهي، ايشيا ۾ صنعتي پيداوار تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ترقي پذير ملڪ مهانگائي ۽ معاشي غير يقيني صورتحال جي ور چڙهي رهيا آهن. عالمي واپار، جيڪو اڳ ئي ڪيترن بحرانن کان متاثر آهي، وڌيڪ سست رفتاري جو شڪار ٿي سگهي ٿو. هي سڀ ڪجهه گڏجي هڪ اهڙي عالمي معاشي بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿو، جنهن جا اثر سالن تائين محسوس ڪيا ويندا.

سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته عالمي ادارا، جيڪي اهڙن بحرانن کي روڪڻ لاءِ قائم ڪيا ويا هئا، عملي طور بي اثر نظر اچي رهيا آهن. سفارتڪاري جي جاءِ تي طاقت جي ٻولي اختيار ڪئي پئي وڃي، جيڪا نه رڳو خطرناڪ آهي پر تباهيءَ جي سڌي دعوت پڻ آهي. جيڪڏهن عالمي برادري هن وقت به خاموش رهي ٿي ته پوءِ اهو خاموشي تاريخ ۾ هڪ وڏي ناڪامي طور ياد رکيو ويندو. اهو به واضح آهي ته هي تڪرار صرف ٽن ملڪن تائين محدود نه رهندو. خطي جا ٻيا ملڪ، عالمي اتحاد، ۽ فوجي بلاڪ به ان ۾ ڇڪجي سگهن ٿا، جنهن سان هڪ مڪمل عالمي جنگ جو خطرو وڌي ويندو. اهڙي جنگ ۾ ڪوبه فاتح نه هوندو – صرف تباهي، انساني الميا، ۽ معاشي بربادي هوندي.