آمريڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن : سڀ کان وڌيڪ ڦاهيون

آمريڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن : سڀ کان وڌيڪ ڦاهيون

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن جڏهن  سڀ کان وڌيڪ ڦاهيون ڏنيون ويون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ 26 ڊسمبر 1862 تي بغاوت ڪندڙ 38 ڄڻا ڦاهي تي لٽڪايا ويا انڪري تاريخ ۾ ان ڏينهن کي آمريڪا جو ڪارو ڏينهن تصور ڪيو وڃي ٿو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪا جي مينيسوٽا رياست ۾ ڊڪوٽا جنگ کي تاريخي حيثيت حاصل آهي  ڊڪوٽا جي ماڻهن  حڪومت جي نامناسب رويي خلاف بغاوت ڪئي ۽ ڊڪوٽا شهر  ۾ ماڻهن هٿيار کڻي حڪومت سان جنگ جو اعلان ڪيو هو .  جيتو ڻيڪو اها جنگ مقامي ماڻهو کٽي نه سگهيا  پر ان جنگ ۾ شامل 303 ڄڻن کي بغاوت جي ڏوهه ۾ ڦاهي سزا ٻڌائي وئي. بعد ۾ ان وقت جي صدر  ابراهم لنڪن ڪيس  جو جائزو وٺڻ بعد 38 ڄڻن جي سزا برقرار رکي اهڙي ريت ڊڪوٽا شهر ۾ 26 ڊسمبر 1862 تي گڏيل طور 38 ماڻهن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو.