| آمريڪي حملي ۾ 55 وينزويلا ۽ ڪيوبا جا فوجي مارجڻ جي تصديق |
ڪاراڪس(م ڊ) وينزويلا ۽ ڪيوبا آمريڪي ڪارروائي دوران مارجي ويل 55 فوجي اهلڪارن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪيوبا جي حڪومت ڪاراڪس ۾ ٿيل فوجي ڪارروائي دوران مارجي ويل پنهنجن 32 اهلڪارن جا نالا جاري ڪيا آهن، جڏهن ته وينزويلا جي فوج به پنهنجي 23 اهلڪارن جي نالن جي فهرست شايع ڪئي آهي. ڪيوبا ڊيبيٽ ۾ شايع ٿيل انگن اکرن موجب 21 اهلڪار گهرو کاتي سان واڳيل هئا جن ۾ 3 اعليٰ آفيسر (ٻه ڪرنل ۽ هڪ ليفٽيننٽ ڪرنل) شامل هئا، جڏهن ته باقي انقلابي هٿياربند فوج جا ميمبر فوجي هئا. ٻئي پاسي وينزويلا جي فوجين ۾ 5 ايڊمرل، مختلف رينڪن جا 16 سارجنٽ ۽ 2 فوجي شامل آهن. جڏهن ته هڪ آمريڪي اخبار موجب آمريڪي عملدارن جو اندازو آهي ته وينزويلا ۾ ٿيل فوجي ڪارروائي دوران اٽڪل 75 ڄڻا مارجي ويا. وينزويلا جي عبوري صدر ملڪ تي آمريڪي حملي دوران مارجي ويل سپاهين جي ياد ۾ ست ڏينهن جي قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. عبوري صدر ڊيلسي روڊريگيز چيو ته نوجوان مردن ۽ عورتن وينزويلا ۽ صدر نڪولس مادورو جي دفاع لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون.