آمريڪي سينيٽ ۾ ايران جنگ روڪڻ جو بل ناڪام

آمريڪي سينيٽ ۾ ايران جنگ روڪڻ جو بل ناڪام

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سينيٽ ۾ ايران خلاف جنگ روڪڻ جي ٽين ڪوشش ناڪام ٿي وئي جڏھن جنگ جي مخالفت ۾ 47 ۽ حمايت ۾ 53 ووٽ پيا. هي پارٽي لائن کان ھٽي ڪري ووٽنگ ھئي ۽ ٻنھي پاسي ھڪ ھڪ ميمبر ڦري ويو. سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽس ميمبرن ووٽنگ ڪرائي. ڊيموڪريٽس جو چوڻ آهي ته اهي هر هفتي ووٽنگ ڪندا رهندا جيستائين انتظاميه اچي ۽ جنگ جو دفاع نھ ڪري. ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ڪرس مرفي جو چوڻ آهي ته ٽرمپ انتظاميه اهو نه ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته اها جنگ جي وضاحت ۽ دفاع ڪرڻ جي قابل ناهي.