آمريڪي شهري کي باهه سان کيڏڻ مهانگو پئجي ويو

آمريڪي شهري کي باهه سان کيڏڻ مهانگو پئجي ويو

واشنگٽن (م ڊ)  آمريڪي شهري کي هڪ ڦيٿي واري سائيڪل هلائڻ دوران ٻرندڙ مشعلون هوا ۾ اڇلائي ڪرتب ڏيکارڻ مهانگو پئجي ويو، همراهه پنهنجون ڀروون ۽ هٿ ساڙي ويٺو، ڊيوڊ رش نالي شهري پهرين ئي هڪ ڦيٿي واري سائيڪل هلائڻ ۽ شيون هوا ۾ اڇلائي پڪڙڻ جا ڪيترائي گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي. هن ٻڌايو ته جڏهن هن مسلسل 37 ٻرندڙ مشعلون پڪڙڻ جي اڳوڻي رڪارڊ کي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو ته هو ڪافي پراعتماد هو، جيتوڻيڪ ان جي ڪا خاص وجهه نه هئي. رش آن لائن پنهنجي تحرير ۾ ٻڌايو ته اصل خطري جو ذڪر ڪو به سرڪاري قاعدن ۽ ضوابطن جي ڪتابن ۾ نٿو ڪري، جيئن ئي توهان ٻرندڙ مشعلن کي اڇلائيندي هڪ ڦيٿي واري سائيڪل کي اڳتي وڌايو ٿا ته سائيڪل هلڻ جي رفتار سان پيدا ٿيندڙ هوا جو وهڪرو شعلن کي سڌو واپس توهان جي چهري ڏانهن ڌڪي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پهرين ڀيري پنهنجي هڪ ڦيٿي واري سائيڪل تي ٻرندڙ مشعلن کي هوا ۾ اڇلائي راند دوران ڀروون ۽ هٿن جي پٺيءَ جا وار سڙي ويا هئا، نيٺ هو پنهنجي رفتار ۽ توازن قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ 175 ڪامياب اڇلايل مشعلون پڪڙيون، جيڪي پهرين واري عالمي رڪارڊ کان چار وڌيڪ هيون، رش جي هن ڪوشش جي وڊيو گنيز ورلڊ رڪارڊز جي طرفان ڏٺي وئي ان کي عالمي رڪارڊ قرار ڏنو ويو.