جڏهن دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت پنهنجي ئي مالي نظام جي زنجيرن ۾ ڦاسي وڃي، تڏهن ڳالهه رڳو بجيٽ جي نه، پر طاقت ۽ ضد جي ٿي وڃي ٿي. آمريڪا ۾ هر مالي سال هڪ نئين سياسي جهيڙي جي علامت بڻجي چڪو آهي، جتي ڪانگريس ۽ صدر جو ٽڪراءُ رڳو انگن اکرن تائين محدود نٿو رهي، پر سڄي وفاقي نظام کي مفلوج ڪري ڇڏي ٿو. 1870ع جي Antideficiency Act کان وٺي اڄ تائين، آمريڪي بجيٽ سياست جو سڀ کان خطرناڪ هٿيار بڻجي چڪي آهي. صدر ٽرمپ جي دور ۾ شٽ ڊائون صرف انتظامي رڪاوٽ نه رهي، پر هڪ اهڙو سياسي ڊرامو بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام سڀئي پنهنجن پنهنجن مفادن جي قيد ۾ نظر اچن ٿا. آمريڪا ۾ جڏهن به ڪانگريس ۽ صدر بجيٽ تي متفق نه ٿا ٿين ته سياسي طاقت جي هڪ راند شروع ٿي وڃي ٿي. بجيٽ جي قانوني ڍانچي، پارلياماني ضابطن ۽ صدر جي ضد آمريڪي نظام کي بار بار آزمائش ۾ وڌو آهي. شٽ ڊائون هڪ سياسي سوديبازي وارو اوزار بڻجي چڪو آهي. اهو صرف هڪ انتظامي ناڪامي نه، پر اهو ملڪ جي تاريخي آئيني مونجهارن ۽ سياست ۾ طاقت جي هٿيار طور بجيٽ جي استعمال جو عڪس آهي.
آمريڪا ۾ جڏهن سينيٽ ۽ ڪانگريس وقت تي ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ پاس نه ڪن يا وري انهن جي پاس ڪرڻ تي صدر صحي نه ٿو ڪري ته پوري ملڪ ۾ مالي بحران شروع ٿي ويندو آهي. تڏهن وفاقي سرڪار جا ڪجهه سرڪاري ادارا بند ٿي ويندا آهن، انهن جون پگهارون روڪيون وينديون آهن يا وري اهي بنا پگهار جي ڪم ڪندا آهن، جئين هن وقت ٿي رهيو آهي. اصل معاملو 1870ع ۾ شروع ٿيو، ان وقت ڪو سڌو سنئون بحران نه آيو، جنهن جي ڪري سڄو آمريڪي شٽ ڊائون وارو قانون (Antideficiency Act) ٺهيو. اهو ڊگهو ارتقائي عمل هو، جنهن ۾ سرڪار کي پنهنجي اختيارن کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ کان روڪڻ هو. اهو 1870ع جي اپروپريشن ايڪٽ جو حصو هو. ان وقت ڪانگريس سرڪار جا شاهي خرچ گهٽائي ڇڏيا. وفاقي ادارن کي مضبوط ڪيو ويو، انهن کي ڌار ڌار فنڊ جاري ڪيا ويا. قانون ۾ چيو ويو ته جيترا پيسا اوهان کي ڏيون ٿا، اوترا ئي خرچ ڪريو. 1950ع ۾ سمورين قانوني شقن کي گڏ ڪيو ويو، 1989ع ۾ ان جي نئين تشريح ڪئي وئي.
سرڪاري شٽ ڊائون جي تاريخ:
آمريڪا ۾ موجوده بجيٽ جو عمل 1976ع ۾ قائم ڪيو ويو. ان بعد بجيٽ جي کوٽ سبب ڪيترائي ڀيرا شٽ ڊائون ٿيو. 1980 ع کان پوءِ اٽارني جنرل بينجمن سيويلٽي جي قانونسازي بعد اهو لازم ٿي ويو ته فنڊ نه هئڻ جي صورت ۾ “غير ضروري” ڪم بند ڪيا وڃن. ان بعد بحران شروع ٿيا. ڊسمبر 1995 – جنوري 1996ع ڌاري صدر بل ڪلنٽن واري دور ۾ ريپبلڪن ٽيڪسن ڪٽوتي تي اختلافن سبب بجيٽ پاس نه ٿي ۽ نتيجي ۾ 21 ڏينهن شٽ ڊائون ٿيو. آڪٽوبر 2013 ۾ صدر اوباما واري وقت ۾ ريپبلڪن جو “افورڊيبل ڪيئر ايڪٽ” (اوباما ڪيئر) کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ٿيو ۽ 16 ڏينهن جو شٽ ڊائون ٿيو. ڊسمبر 2018 – جنوري 2019 ۾ صدر ٽرمپ جي پهرين دور ۾ آمريڪا- ميڪسيڪو سرحد تي ديوار جي تعمير لاءِ فنڊنگ تي اختلاف ٿيا، 35 ڏينهن تائين وفاقي سرڪار جا ڪم بند ٿي ويا. هاڻ وري وفاقي سرڪار ۾ فنڊنگ جي کوٽ سبب پهرين آڪٽوبر 2025 کان اڄ تائين ٻائيتاليھين ڏينهن به اهو شٽ ڊائون هلي رهيو آهي. هي بحران، بجيٽ جي مڪمل منظوري نه ٿيڻ سبب پيدا ٿيو آهي. جيتوڻيڪ ريپبلڪن هائوس، سينيٽ، ۽ صدارت تي ڪنٽرول رکن ٿا، پر سينيٽ ۾ بجيٽ بل پاس ڪرڻ لاءِ 60 ووٽن جي ضرورت ھوندي آھي، جتي ٻه ڀاڱي ٽي جي حمايت کپي ٿي، جيڪا صدر ٽرمپ وٽ ناهي. ڊيموڪريٽڪ سينيٽرن حڪومتي فنڊنگ بل کي ان وقت تائين ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جيستائين ان ۾ “افورڊيبل ڪيئر ايڪٽ” (ACA) هيٺ صحت جي خرچن کي گھٽائڻ لاءِ ٽيڪس ڪريڊٽ جي واڌ شامل نه ٿي ڪئي وڃي. ريپبلڪن ڊيموڪريٽس تي الزام هڻن ٿا ته اهي حڪومت کي بند ڪري رهيا آهن.
شٽ ڊائون جا اثر:
ان شٽ ڊائون سان اٽڪل 700,000 وفاقي ملازمن کي بغير پگهار جي موڪل تي موڪليو ويو آهي، جڏهن ته هڪ وڏو انگ بنا پگهار جي ڪم ڪري رهيو آهي. هن شٽ ڊائون جي ڊگهي وقت تائين هلڻ جي صورت ۾ GDP کي 14 بلين ڊالرن تائين نقصان پهچي سگهي ٿو. قومي عجائب گهر، غريبن لاءِ خوراڪ وارو پروگرام، ايئر ڪنٽرول ٽريفڪ سسٽم، ڪيترائي هوائي اڏا بند ٿي ويا آهن. 2018-2019 جي 35 ڏينهن واري شٽ ڊائون سبب ملڪ کي 11 بلين ڊالرن جو نقصان ٿيو، جن مان 3 بلين ڊالرن جو نقصان واپس نٿو ٿي سگهي. وفاقي ادارا نوان ڪانٽريڪٽس جاري نٿا ڪري سگهن ۽ گرانٽس جي منظوري روڪي وڃي ٿي. ننڊا وڏا ڪاروبار تباهه، نيون هائوسنگ اسڪيمون بند ٿي ويون، ريئل اسٽيٽ ڪاروبار کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي. لکين گهٽ آمدني وارن ماڻهن جا راشن ڪارڊ معطل، تحقيقي سائنسي ڪم بند ڪيا ويا. وبائي مرضن جي نگراني وارو ادارو بند ڪيو ويو.
آئيني ۽ قانوني مونجهارا ۽ مشورا:
قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪانگريس بجيٽ منظور نه ڪئي ته پوء هڪ قانوني شق ذريعي پوئين سال وارو فنڊ موجوده سطح تي ڪجهه عرصي لاءِ (مثال طور، 30 يا 60 ڏينهن لاءِ) جاري رهندو. مقصد ته هي نظام پارلياماني ڊيڊلاڪ جي صورت ۾ سرڪار کي فوري طور تي بند ٿيڻ کان روڪيندو. اهو ڪانگريس کي وڌيڪ وقت ڏيندو ته هو بجيٽ منظوري لاءِ ڳالهيون جاري رکن. پر ڪجهه ماهر ان کي رد ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪانگريس وري اها بجيٽ پاس نه ڪري سگهندي، شٽ ڊائون ختم ٿي ويندو ۽ قانونساز سست ٿي ويندا. اها تجويز سينيٽر جيري گريٽن (Jerry Moran) پاران پيش ڪئي وئي هئي ۽ ان جو مقصد سينيٽ جي ضابطن ۾ تبديلي آڻڻ آهي. جنهن تحت بجيٽ بل تي فلابسٽر (Filibuster) کي ختم ڪيو وڃي، يا بجيٽ بلن کي سادي اڪثريت 60 ووٽن بجاءِ (51 ووٽ) سان منظور ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. فلابسٽر اقليتي پارٽي جو هڪ اهم سياسي اوزار آهي، ۽ ان کي ختم ڪرڻ پارلياماني توازن کي خراب ڪري سگهي ٿو. ان ترميم ۾ هڪ شق اها به شامل آهي ته جيڪڏهن ڪانگريس ۽ سينيٽ بجيٽ بل پاس ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿي ته پوءِ اسيمبلي ميمبرن جي پگهار بند، يا ان جي ڪٽوتي ڪئي وڃي، جيئن هو بل کي پاس ڪن. ڪيترن ئي نقادن جو چوڻ آهي ته هي هڪ علامتي قدم آهي، جيڪو حقيقي قانوني عمل کي تبديل نٿو ڪري. ڪانگريس ميمبرن جي پگهار روڪڻ آئيني مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. سڀ کان وڏو چئلينج قانوني ناهي، پر سياسي آهي. شٽ ڊائون روڪڻ لاءِ ٻنهي پارٽين طرفان وڏي سياسي اتفاق جي ضرورت آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سياسي جهيڙا:
صدر ٽرمپ پنهنجي ٻنهي دورن ۾ ڪانگريس ۽ سينيٽ سان بجيٽ جي معاملي تي جهيڙي ۾ رهيو آهي. پهرئين دور ۾ ميڪسيڪو سرحد تي ڊگهي ديوار لاءِ 5.7 بلين ڊالرز گهريا، ڪانگريس تي ڪنٽرول واري ڊيموڪريٽس انڪار ڪيو ته ٽرمپ قومي ايمرجنسي جو اعلان ڪري فوجي فنڊ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي (جنهن تي به قانوني جهيڙا ٿيا) ۽ 35 ڏينهن شٽ ڊائون رهيو. هاڻ وري صدر ٽرمپ پنهنجي اڳوڻي رڪارڊ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ ان ۾ به سياسي جهيڙو مرڪزي حيثيت رکي ٿو. جنهن ۾ ACA ٽيڪس ڪريڊٽس ۽ اسٽاپ گيپ بل تي اختلاف اڀري آيا آهن. ريپبلڪن ڪانگريس ۾ فنڊنگ بل پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اها گهر ڪئي ته ڊيموڪريٽس بغير ڪنهن خاص شرط جي عارضي فنڊنگ حل (Continuing Resolution) جي حمايت ڪن. ٽرمپ ۽ سندس اتحادين جو خيال هو ته حڪومت بند ڪرڻ سان ڊيموڪريٽس تي دٻاءُ پوندو ۽ اهي سندن مطالبن تي راضي ٿي ويندا. ڊيموڪريٽس تي الزام لڳايو ويو ته اهي غير ضروري خرچن، جهڙوڪ غير قانوني مهاجرن لاءِ صحت جي سار سنڀال، ۽ ماحولياتي پروگرامن لاءِ شٽ ڊائون ڪري رهيا آهن. ڊيموڪريٽس جو اصرار آهي ته حڪومت کي کولڻ واري بل ۾ صدر جو بائيڊن جي دور وارن ACA (Affordable Care Act) هيٺ صحت جي خرچن کي گهٽائڻ وارن ٽيڪس ڪريڊٽس جي واڌ کي شامل ڪيو وڃي. ريپبلڪن بل غريب ۽ وچولي طبقي کي نقصان ڏئي رهيو آهي. ٽرمپ جي اڪثريت باوجود فنڊنگ بل سينيٽ ۾ فلابسٽر (Filibuster) جي ضابطن سبب 60 ووٽن جي حد پار نه ڪري سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت بند رهي.
شٽ ڊائون جي ڪري ٽرمپ جي حڪومت کي سڌي ريت ڪو خطرو ناهي، نه ئي ڪا نئين اليڪشن ٿيندي. صدر ٽرمپ خلاف 2020 چونڊن ۾ مداخلت، وفاقي ۽ جارجيا رياست جا ڪيس، 6 جنوري ڪيپيٽل ھل حملو، ڳجهن دستاويزن جو ڪيس هلي رهيا آهن. صدر کي وائيٽ هائوس مان هٽائڻ لاءِ سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي (two-third) ووٽ گهربل هوندا آهن (يعني 100 مان 67 ووٽ) کپن ٿا. پر هن وقت اهو ممڪن ناهي، کيس پهرين به امپيچ ڪيو ويو. ان معاملي تي ريپبلڪن به هن وقت ٻن گروپن ۾ ورهايل آهن. هڪ ٽرمپ جا سخت حامي (“ميگا” گروپ) ۽ ٽرمپ جا مخالف يا روايتي قدامت پسند (“Establishment”) شامل آهن. ٽرمپ جي پاليسين سبب ڪانگريس ڪو بل پاس نه ٿي ڪري سگهي. انتهائي قدامت پسند ريپبلڪن، اڳوڻي اسپيڪر ڪيون ميڪارٿي کي صرف ٽرمپ جي حمايت جي ڪري هٽايو ويو. طاقتور، ٽرمپ نواز گروپ روايتي قيادت کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏئي. ٽرمپ جي وفاداري هاڻي پارٽي جي سڀ کان وڏي ترجيح بڻجي وئي آهي، نه ته حڪومت هلائڻ. موجوده شٽ ڊائون ۾ ڪانگريس جي ناڪامي به هن اندروني تڪرار جو سڌو نتيجو آهي. ڊيموڪريٽس، ريپبلڪن جي اندروني ڇڪتاڻ کي صرف ڏسي رهيا نه آهن، پر ان کي 2026 جي وچ مدي جي چونڊن ۽ ٽرمپ خلاف صدارتي مهم لاءِ هڪ سڌي سياسي موقعي طور استعمال ڪري رهيا آهن.