آمريڪي صدر جو ايران سان سڌو رابطو، خامنه اي کي ايٽمي پروگرام تي ڳالهين جي آڇ، نه ته ڪجهه ٻيو ڪرڻو پوندو: ٽرمپ

مارچ 8, 2025

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ايراني سُپريم ليڊر کي خط لکي جوهري معاهدي تي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي، آيت الله خامنه اي کي لکيل خط ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو اُميد ته توهان ڳالهين لاءِ تيار ٿي ويندا، ڇاڪاڻ جو اهو ايران لاءِ بهتر هوندو، آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران سان ڪنهن معاهدي تي پهچڻ کي ترجيح ڏيندو، ايران سان جوهري پروگرام تي ڳالهيون ڪرڻ گهرون ٿا، اُن سلسلي ۾ خميس ڏينهن ايران کي خط لکيو آهي، آئون سمجهان ٿو ايراني قيادت کي اهڙي خط جي ضرورت آهي، ٻيو متبادل اهو آهي ته اسان کي ڪجهه ڪرڻو پوندو، اسان هڪ وڌيڪ ايٽمي بم ٺهڻ نه ڏينداسين، صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران کي ٻن طريقن سان منهن ڏئي سگهجي ٿو، هڪ رستو ته فوجي آهي ۽ ٻيو اهو ته معاهدو ڪيو وڃي، آئون معاهدو ڪرڻ چاهيان ٿا، ڇو جو آئون ايران کي نقصان نٿو پهچائڻ چاهيان، ايراني تمام سٺا ماڻهو آهن. هوڏانهن فاڪس نيوز بزنس کي انٽرويو ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسين ايران سان ڪنهن معاهدي تي پهچڻ کي ترجيح ڏينداسين. ٽرمپ ايران کي ڌمڪي واري لهجي ۾ مخاطب ٿيندي چيو ته ڳالهيون ڪريو يا اسان ڪجهه ٻيو ڪنداسين ڇاڪاڻ جو هاڻي ڪو به نئون ايٽمي هٿيار ٺاهڻ نه ڏينداسين. ڊيل کي ترجيح ڏيندس.

 

Leave A Comment