آمريڪي صدر جي اپيل باوجود ڪنهن به ملڪ هرمز کاڙي لاءِ فوج نه ڏني

آمريڪي صدر جي اپيل باوجود ڪنهن به ملڪ هرمز کاڙي لاءِ فوج نه ڏني

ٽوڪيو/پيرس/لنڊن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان ۽ مطالبي باوجود آمريڪا جا اتحادي ھرمز کاڙي ۾ ايران جي حملن کان بچاءُ لاءِ پنھنجي فوج ڏيڻ کان نٽائي رھيا آھن. ان سلسي ۾ جاپان جي حڪمران لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي پاليسي چيف تاڪايوڪي ڪوبايشي چيو آهي ته ملڪي قانون موجب فوج ھرمز اماڻڻ جي ضرورت موجود آھي ان جي حد تمام مٿاھين آھي اسان امڪان کي رد نٿا ڪريون، پر موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڏي احتياط سان غور ڪرڻ جي ضرورت آھي.  جڏھن تھ فرانس چيو آھي تھ اسان جو ڪو بھ جھاز وچ اوڀر ڏانھن نھ وڃي رھيو آھي. ٻئي طرف برطانيا بھ ڪو واضح اعلان ڪرڻ بدران چيو آھي تھ ھرمز کاڙي جو رستو کولڻ ضروري آھي ان باري ۾ اسان پنھنجي اتحادين سان ڳالھائي رھيا آھيون توانائي واري وزير ايڊ مليبينڊ چيو تھ ھرمز کاڙي بند ٿيڻ جي ڪري توانائي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. ڏکڻ ڪوريا جو بھ چوڻ آھي تھ ان معاملي تي آمريڪا سان ويجھي رابطي ۾ آھيون ۽ صورتحال تي غور ڪريون پيا.