آمريڪي صدر ٻرندي مٿان تيل هاريو
جُون 17, 2025
بيلجنگ (پنهنجي ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گو جياڪون هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائندي چيو آهي ته تڪرار گهٽائڻ جي بدران صدر ٽرمپ ٻرندي مٿان تيل هارڻ وارو ڪم ڪيو هو، ٽمپ طرفان کليل ڌمڪيون ڏئي دٻاءُ وڌائڻ سان تڪرار کي وڌيڪ ڀڙڪايو آهي
ياد رهي ته چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو بيان آمريڪي صدر پاران ايراني شهرين کي تهران مان چڏڻ جي ڌمڪي ڏيڻ کانپوءِ آيو آهي.
آمريڪي صدر ڪالهه سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي ايراني شهرين کي فوري طور تي تهران مان نڪرڻ لاءِ خبردار ڪيو هو.