آمريڪي صدر کان پوءِ روسي صدر جو اڱاري تي چين جو دورو

آمريڪي صدر کان پوءِ روسي صدر جو اڱاري تي چين جو دورو

بيجنگ (م ڊ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن اڱاري ڏينهن چيني صدر شي جن پنگ سان ڳالهين لاءِ چين جو دورو ڪندو، ڪريملن ڇنڇر ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته صدر پيوٽن 19 مئي تي ٻن ڏينهن جي دوري لاءِ چين روانو ٿيندو، اهو دورو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو ئي بيجنگ جو دورو مڪمل ڪري واپس ٿيو آهي. ڪريملن جي بيان موجب پيوٽن پنهنجي چيني هم منصب شي جن پنگ سان ماسڪو ۽ بيجنگ جي وچ ۾ جامع ڀائيواري ۽ اسٽرٽيجڪ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪندو، ٻئي اڳواڻ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي به خيال ونڊيندا ۽ ڳالهين جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته چين روسي توانائي جو سڀ کان وڏو خريدار بڻجي چڪو آهي ۽ مغربي پابندين کان پوءِ ماسڪو جو اهم اقتصادي شريڪ بڻجي سامهون آيو آهي.