آمريڪي فوجي مدد جاري رکو: ٽرمپ جي بيان بعد تائيوان جو مطالبو

آمريڪي فوجي مدد جاري رکو: ٽرمپ جي بيان بعد تائيوان جو مطالبو

تائپي (م ڊ) تائيوان آمريڪا کان فوجي مدد جاري رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بيان ڏنو هو ته واشنگٽن اڃا تائين تائيوان کي هٿيار ڏيڻ يا نه ڏيڻ بابت ڪو فيصلو ناهي ڪيو. تائيوان جي صدر ان جي جواب ۾ پنهنجي بيان ۾ آمريڪي فوجي مدد جي ضرورت ۽ اهميت تي زور ڏنو. تائيوان جي صدر جي ترجمان چيو ته تائيوان کي آمريڪي هٿيارن جو وڪرو نه رڳو هڪ قانوني ذميواري آهي پر علائقائي خطرن خلاف هميشه هڪ گڏيل رڪاوٽ رهي آهي. تائيوان جو هي موقف ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس چيني هم منصب شي جن پنگ جي وچ ۾ ٿيل ملاقات کان پوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ چيني اڳواڻ خبردار ڪيو هو ته تائيوان جي معاملي جو غير مناسب انتظام تڪرارن يا واضح جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.