| آمريڪي فوج ۾ به جنگ جي مخالفت وڌي پئي: الجزيره |
دوحا (م ڊ) ايران سان جنگ جي ڪري آمريڪي فوج ۾ بھ مخالفت وڌي رھي آھي. ان باري ۾ الجزيرھ پنھنجي ھڪ رپورٽ ۾ چيو آھي تھ جيئن آمريڪا ايران سان پنهنجي جنگ کي وڌائي رهيو آهي تيئن ھن جنگ جي مخالفت بھ وڌي رهي آهي اھا مخالفت نه رڳو عوام ۾ پر فوج جي اندر به ٿي رھي آھي. رپورٽ موجب آمريڪي فوج جا ڪجهه سروس ميمبر حڪومت جي حڪمن تي سوال اٿاري رهيا آهن، باضمير ماڻھو اعتراض ڪري رهيا آهن ۽ ڳالهائي رهيا آهن. الجزيره جو چوڻ آھي تھ هي تبديلي تمام پري تائين وڃي سگھي ٿي ۽ ان جا ناڪاري اثر بھ پئجي سگھن ٿا.