آمريڪي قبضي گيريءَ خلاف ايشيائي عوام جي مزاحمت … ڊاڪٽر اياز سمون

                 اوڻيهين صديءَ جي آخر تائين فلپائن صدين کان اسپين جي قبضي هيٺ هو. اسپيني راڄ دوران مقامي ماڻهن تي سخت سياسي، معاشي ۽ مذهبي جبر هو. ان جبر خلاف فلپائني قوم اندر قومي شعور پيدا ٿيو، جنهن جو نتيجو 1896ع ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جي صورت ۾ نڪتو. هن تحريڪ جي اڳواڻي مقامي انقلابي قوتن ڪئي، جن جو مقصد اسپين کان مڪمل آزادي حاصل ڪرڻ هو. ان دوران 1898ع ۾ آمريڪا ۽ اسپين وچ ۾ جنگ لڳي، جيڪا بنيادي طور ڪيوبا جي مسئلي تان شروع ٿي، پر ان جو دائرو ٻين اسپيني نوآبادين تائين وڌي ويو. آمريڪا فلپائن ۾ اسپين خلاف وڙهندڙ مقامي انقلابي قوتن سان عارضي اتحاد ڪيو. فلپائني اڳواڻن کي اهو تاثر ڏنو ويو ته آمريڪا سندن آزاديءَ جي حمايت ڪندو. اسپين جي شڪست کان پوءِ صورتحال اوچتو بدلجي وئي. پيرس جي معاهدي (1898ع) تحت اسپين فلپائن کي آمريڪا حوالي ڪري ڇڏيو – يعني هڪ سامراجي طاقت ٻي سامراجي طاقت کي ملڪ “وڪڻي” ڇڏيو، بغير ان جي ته فلپائني عوام کان ڪا راءِ ورتي وڃي. هتي اصل ۾ آمريڪا جو حقيقي ارادو سامهون آيو: آزادي نه، پر نئون قبضي وارو نظام. فلپائني انقلابي اڳواڻن، خاص طور تي ايمليو اگينالدو، آمريڪا جي هن عمل کي دوکو سمجهيو ۽ 1899ع ۾ آمريڪا خلاف جنگ شروع ٿي، جيڪا فلپائن- آمريڪا جنگ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ھن جنگ ۾ آمريڪي فوجن ڳوٺ ساڙيا، ماڻهن کي عقوبت خانن ۾ وڌو، ۽ سخت تشدد ڪيو. اندازو آهي ته لکين فلپائني، خاص طور عام شهري، هن جنگ دوران مارجي ويا. آمريڪا جي مداخلت جا بنيادي سبب معاشي ۽ فوجي مفاد هئا. فلپائن ايشيا ۾ هڪ اهم جاگرافيائي هنڌ تي واقع هو، جيڪو واپار ۽ فوجي حڪمت عملي لاءِ انتهائي اهم هو. آمريڪا کي چين ۽ ٻين ايشيائي مارڪيٽن تائين رسائي گهربي هئي، ۽ فلپائن ان لاءِ هڪ “دروازو” هو. ان کان علاوه، ان دؤر ۾ سامراجي سوچ غالب هئي، جنهن تحت وڏيون قوتون پنهنجو اثر وڌائڻ کي پنهنجو حق سمجهنديون هيون. آمريڪا پنهنجي مداخلت کي “تهذيب”، “ترقي” ۽ “تعليم” جي نالي سان جواز ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن چيو ته هو فلپائن کي جديد بڻائڻ چاهين ٿا، پر حقيقت ۾ اهو هڪ نوآبادياتي نظام هو، جنهن ۾ سياسي طاقت آمريڪا جي هٿ ۾ رهي ۽ مقامي ماڻهن کي محدود اختيار ڏنا ويا. پر فلپائني عوام جي مزاحمت مڪمل طور ختم نه ٿي. جيتوڻيڪ آمريڪا فوجي طور جنگ کٽي ورتي، پر قومي شعور زنده رهيو. وقت سان گڏ سياسي تحريڪن، مزدور جدوجهدن ۽ عوامي دٻاءُ وڌيو. آخرڪار 1946ع ۾ فلپائن کي باضابطه آزادي ملي، پر ان وقت تائين به آمريڪا جو معاشي ۽ فوجي اثر جاري رهيو.

انڊونيشيا ۾ آمريڪا جي مداخلت کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي سرد جنگ، سرمائيداري مفادن ۽ قومي آزاديءَ جي سياست جي گڏيل پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ انڊونيشيا ڊچ نوآبادياتي راڄ کان آزادي حاصل ڪئي، ۽ سئيڪارنو جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ قومي رياست قائم ٿي. سئيڪارنو هڪ اهڙي پاليسي اختيار ڪئي جيڪا نه مڪمل طور مغرب سان هئي، نه سوويت بلاڪ سان- ان کي غير وابستگي (Non-Aligned) سڏيو ويو. هن مختلف سياسي قوتن، جن ۾ فوج، مذهبي ڌڙا ۽ ڪميونسٽ پارٽي (PKI) شامل هئا، کي گڏ رکڻ جي ڪوشش ڪئي. ان وقت دنيا سرد جنگ جي ور چڙهيل هئي، جتي آمريڪا ۽ سوويت يونين عالمي اثر لاءِ مقابلو ڪري رهيا هئا. انڊونيشيا جي وڏي آبادي، قدرتي وسيلن ۽ جاگرافيائي اهميت سبب آمريڪا لاءِ اهو انتهائي اهم ملڪ هو. آمريڪا کي خاص طور ڊپ هو ته جيڪڏهن انڊونيشيا ۾ ڪميونسٽ پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿي وئي ته اهو سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ “ڊومينو اثر” پيدا ڪندو. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ آمريڪا سئيڪارنو جي حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ شروع ڪيو. جڏهن سئيڪارنو قومي وسيلن تي ڪنٽرول وڌايو ۽ مغربي ڪمپنين جي اثر کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن آمريڪا هن کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ لڳو. 1958ع ۾ آمريڪا انڊونيشيا جي ڪجهه باغي گروهن جي ڳجهي مدد ڪئي، جيڪي مرڪزي حڪومت خلاف بغاوت ڪري رهيا هئا. هي مداخلت مڪمل طور ڪامياب نه ٿي، پر اها هڪ واضح نشاني هئي ته آمريڪا سئيڪارنو کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. اصل موڙ 1965ع ۾ آيو، جڏهن انڊونيشيا ۾ هڪ پراسرار بغاوتي واقعي (جنهن کي “30 سيپٽمبر تحريڪ” چيو وڃي ٿو) کان پوءِ فوج طاقت سنڀالي. جنرل سھارتو هن صورتحال مان فائدو وٺي آهستي آهستي اقتدار تي قبضو ڪيو. هن واقعي کي جواز بڻائي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن خلاف وڏي پيماني تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ان دوران جيڪو ٿيو، اهو جديد تاريخ جي سڀ کان وڏي قتل عام مان هڪ آهي. اندازن مطابق 5 لک کان 10 لک ماڻهن تائين قتل ڪيا ويا – جن ۾ مزدور اڳواڻ، شاگرد، دانشور ۽ عام شهري شامل هئا. ڪيترن کي بنا ڪنهن ثبوت جي صرف شڪ جي بنياد تي ماريو ويو. هن قتل عام ۾ آمريڪا سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سهڪار ڪيو. رپورٽن موجب، آمريڪي ادارن فوج کي ڪميونسٽن جي فهرستن تائين فراهم ڪيون، مالي مدد ڏني ۽ سياسي حمايت ڪئي. سئيڪارنو کي آهستي آهستي اقتدار کان هٽايو ويو، ۽ 1967ع تائين سھارتو مڪمل طور ملڪ جو حڪمران بڻجي ويو. هن جو دور “نيو آرڊر” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جنهن ۾ مغربي ملڪن، خاص طور آمريڪا سان ويجها لاڳاپا قائم ڪيا ويا. انڊونيشيا جي معيشت کي عالمي سرمائيداري نظام سان ڳنڍيو ويو، ۽ پرڏيهي ڪمپنين کي وسيع رسائي ڏني وئي.

فڪري انداز ۾ ڏسجي ته انڊونيشيا جو ڪيس سامراج جي ان حڪمت عملي کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ سڌي فوجي حملي بدران اندروني قوتن کي استعمال ڪيو ويندو آهي. سامراج مقامي اشرافيه، فوج ۽ سياسي ڌڙن کي استعمال ڪري اهڙو نظام قائم ڪري ٿو، جيڪو ان جي مفادن جي حفاظت ڪري. ان عمل ۾ انساني زندگيون قربان ٿين ٿيون، پر سامراجي طاقت لاءِ اهم شيءِ صرف معاشي فائدو ۽ سياسي ڪنٽرول هوندو آهي. ساڳئي وقت، انڊونيشيا جي تاريخ اهو به ڏيکاري ٿي ته اهڙا نظام دائمي ناهن. جيتوڻيڪ سهارتو جو دؤر ڊگهو رهيو، پر آخرڪار عوامي دٻاءَ ۽ تحريڪن جي نتيجي ۾ 1998ع ۾ سندس حڪومت ختم ٿي وئي. اهو ثابت ڪري ٿو ته ظلم ڪيترو به وڏو هجي، عوام جي جدوجهد آخرڪار تبديلي آڻي سگهي ٿي.

ويٽنام ۾ آمريڪا جي مداخلت کي سمجهڻ لاءِ ان جي پاڙن کي نوآبادياتي دؤر، قومي آزاديءَ جي جدوجهد ۽ سرد جنگ جي عالمي سياست ۾ ڏسڻو پوندو. ويٽنام اوڻويهين صديءَ کان فرانس جي قبضي هيٺ هو، جتي مقامي ماڻهن کي سياسي حقن کان محروم رکيو ويو ۽ سندن وسيلن تي قبضي ذريعي سامراجي معيشت هلائي وئي. ٻي عالمي جنگ دوران جاپان فرانس کان ڪنٽرول کسي ورتو، جنهن سان مقامي مزاحمت وڌيڪ تيز ٿي. هن پسمنظر ۾ ھوچي منهه جي اڳواڻيءَ ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪ اڀري، جنهن 1945ع ۾ آزاديءَ جو اعلان ڪيو. پر فرانس پنهنجي نوآبادياتي قبضي کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن ڪري پهرين انڊو- چائنا جنگ شروع ٿي. هن جنگ ۾ ويٽنامي قومپرست ۽ ڪميونسٽ گڏجي فرانس خلاف وڙهيا، ۽ آخرڪار 1954ع ۾ فرانس کي شڪست ملي. جنيوا معاهدي تحت ويٽنام کي عارضي طور ٻن حصن ۾ ورهايو ويو: اتر ويٽنام، جتي ھوچي منهه جي قيادت هيٺ قومي ۽ ڪميونسٽ حڪومت هئي، ۽ ڏکڻ ويٽنام، جتي آمريڪا جي حمايت سان هڪ مخالف حڪومت قائم ڪئي وئي. طئي اهو ٿيو هو ته ڪجهه سالن بعد چونڊون ٿينديون ۽ ملڪ ٻيهر متحد ٿيندو، پر اهي چونڊون ڪڏهن به نه ڪرايون ويون.

هتان کان آمريڪا جي سڌي مداخلت شروع ٿي. سرد جنگ جي تناظر ۾ آمريڪا کي ڊپ هو ته جيڪڏهن ويٽنام متحد ٿي ڪميونسٽ حڪومت هيٺ اچي ويو ته سڄو ڏکڻ اوڀر ايشيا ان جي اثر هيٺ اچي ويندو – جنهن کي “ڊومينو نظريو” چيو ويندو هو. انهيءَ ڪري آمريڪا ڏکڻ ويٽنام جي حڪومت کي مالي، فوجي ۽ سياسي مدد ڏيڻ شروع ڪئي. شروع ۾ اهو سهارو “صلاحڪارن” جي صورت ۾ هو، پر آهستي آهستي اها سڌي فوجي مداخلت ۾ تبديل ٿي وئي.

1960ع واري ڏهاڪي ۾ ويٽنام جي اندر مزاحمت تيزي سان وڌي، خاص طور ڏکڻ ۾ “ويت ڪانگ” نالي گوريلا تحريڪ اڀري، جيڪا اتر ويٽنام جي حمايت سان آمريڪي اثر خلاف وڙهندي هئي. 1964ع ۾ ٽونڪن جي نار واري واقعي کي جواز بڻائي آمريڪا مڪمل پيماني تي جنگ ۾ داخل ٿي ويو. ان کان پوءِ لکين آمريڪي فوجي ويٽنام موڪليا ويا، ۽ شديد بمباري، نيپام ۽ ڪيميائي هٿيارن (جهڙوڪ ايجنٽ اورنج) جو استعمال ڪيو ويو.

هن جنگ دوران ويٽنام ۾ وڏي پيماني تي تباهي آئي. اندازو آهي ته لکين ويٽنامي شهري مارجي ويا، ڳوٺ ساڙيا ويا، زرعي زمينون تباهه ٿي ويون، ۽ ماحولياتي نقصان به ٿيو. پر ان سڀ جي باوجود، ويٽنامي عوام پنهنجي جدوجهد جاري رکي. گوريلا جنگ، عوامي حمايت ۽ قومي جذبي آمريڪا جي جديد فوجي طاقت کي للڪاريو.

ڊگهي ۽ مهانگي جنگ، ۽ آمريڪا اندر وڌندڙ عوامي مخالفت سبب، آمريڪا کي 1973ع ۾ پنهنجون فوجون واپس گهرائڻيون پيون. 1975ع ۾ اتر ويٽنامي فوجن ۽ ويٽ ڪانگ ڏکڻ ويٽنام جي حڪومت کي ختم ڪري ملڪ کي ٻيهر متحد ڪيو. اهڙي طرح ويٽنام هڪ آزاد ۽ متحد ملڪ بڻجي ويو. ويٽنام ۾ آمريڪي مداخلت جا بنيادي سبب هئا: ڪميونزم کي روڪڻ، عالمي اثر برقرار رکڻ، ۽ علائقائي حڪمت عملي – پر نتيجي ۾ آمريڪا کي فوجي ۽ سياسي شڪست ملي، جڏهن ته ويٽنامي عوام پنهنجي آزادي ۽ وحدت حاصل ڪئي.

[email protected]