آمريڪي ميمبرن پاران پاڪستان ۾ ٿيل چونڊون تسليم نه ڪرڻ جي تجويز، ڌانڌلي جي جاچ جي گھر

فيبروري 12, 2024

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي پرڏيهي معاملن بابت ڪاميٽي پاڪستان ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ فراڊ ۽ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي ڪاميٽي جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي چونڊن ۾ ڪرپشن يا فراڊ جي الزامن جي مڪمل جاچ ٿيڻ گھرجي. مائيڪل مڪ ڪال پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن ۾ ڪرپشن يا فراڊ جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا پاڪستاني عوام جي جمهوري حڪومت جي چونڊ جي حق ۽ اهڙي سياسي جمهوري چونڊيل حڪومت جي حمايت ڪري ٿو، جيڪا قانون جي حڪمراني، انساني حقن جو احترام ڪندي هجي. هوڏانهن آمريڪي اسيمبلي جي ميمبرن صدر جو بائڊن کي تجويز ڏني آهي ته اهو پاڪستان ۾ ٿيندڙ چونڊن کي تيستائين تسليم نه ڪري جيستائين ڌانڌلي جي جاچ نٿي ٿي وڃي.

Leave A Comment