آمريڪي نائب صدر جو پاڪستاني ٽياڪڙن سان رابطو: ايران لاءِ سخت پيغام

آمريڪي نائب صدر جو پاڪستاني ٽياڪڙن سان رابطو: ايران لاءِ سخت پيغام

لنڊن (م ڊ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ايران جنگ تي پاڪستاني ٽياڪڙن سان ڳالهيون ڪيون، برطانوي خابرو ايجنسي موجب هن ٽرمپ جو ايران کي سخت پيغام موڪليو،

آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو صبر جواب ڏئي رهيو آهي، جيستائين ايران معاهدو نه ڪندو ايران مٿان حملا جاري رکيا ويندا، برطاني خابرو ايجنسي موجب جي ڊي وينس ٽياڪڙن ذريعي ايران کي ٽرمپ جو سخت پيغام موڪليو، ٽرمپ پيغام موڪليو هو ته اهو ڪجهه آمريڪي مطالبا پورا ٿيڻ تي جنگبندي تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، انهن مطالبن ۾ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ به شامل آهي. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪ روبيو چيو آهي ته ايران سان سڌيون ڳالهيون ڪڏهن به ٿي سگهن ٿيون پر ٽياڪڙن ذريعي پيغامن جي ڏي وٺ جاري آهي، واضح رهي ته ٽرمپ جي ڳالهين واري ٽيم ۾ جي ڊي وينس، مارڪ روبيو، اسٽووٽڪوف، جيرڊ ڪشنر شامل آهن.ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پيغام ملڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ايران کي ٽرمپ جي خصوصي ايلچي اسٽيوو ٽڪوف پاران سڌي ريت پيغام مليا، پر اهي ڪنهن به طرح سڌي ريت ڳالهين جي زمري ۾ نٿا اچن، ايران عارضي جنگبندي بدران پوري خطي ۾ دشمني جو خاتمو چاهي ٿو، ايران زميني جنگ نٿو چاهي پر پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو، آبنائي هرمز مڪمل پرامن لنگهه هوندو، انهي جي سيڪيورٽي جو فيصلو ايران ۽ عمان ڪندو