بيجنگ/واشنگٽن/دبئي (م ڊ) آمريڪا طرفان ايران خلاف لڳايل بحري ناڪابندي باوجود ڪيترائي جهاز هرمز کاڙي مان گذري چڪا آهن. رپورٽ مطابق جهازن جي ٽريڪنگ ڊيٽا ميرين ٽريفڪ مان حاصل ڪيل معلومات ڏيکاري ٿي ته ناڪابندي جي پهرين 24 ڪلاڪن دوران ايران سان لاڳاپيل گهٽ ۾ گهٽ چار جهاز هن اهم بحري گذرگاهه مان گذريا جن مان ٽي جهاز چين جا به هئا، مرلي ڪشن نالي آئل ٽينڪر، جيڪو پڻ پابندين هيٺ آهي، چين جي لانشان بندرگاهه کان روانو ٿي اولهندي پاسي کان هرمز مان گذريو۔ رپورٽ موجب هن جهاز جي آخري رپورٽ ڪيل پوزيشن ايران جي ڪش ٻيٽ جي اوڀر ۾ هئي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب ناڪابندي جي شروعاتي 24 ڪلاڪن دوران ڪو به جهاز ايراني بندرگاهن مان گذرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هو، هن ناڪابندي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ فوجي اهلڪار ڪيترائي جنگي بحري جهاز ۽ فوجي هوائي جهاز شامل آهن ٻئي طرف ايران جي فارس نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب هڪ ايراني سپر ٽينڪر آمريڪي پابندين جي باوجود هرمز جي پار ڪري ايران جي امام خميني بندرگاهه ڏانهن وڌي رھيو آهي. اھو تمام وڏو ڪچو تيل ڪيريئر آھي جنھن ۾ ٻه ملين بيرل ڪچو تيل کڻڻ جي گنجائش آھي پر اهو واضح نه هو ته ٽينڪر پنهنجي سامان سان گڏ واپس اچي رهيو هو يا خالي آھي.