آمريڪي ناڪابندي باوجود 4 آئل ٽئنڪرز هرمز مان لنگهي ويا

آمريڪي ناڪابندي باوجود 4 آئل ٽئنڪرز هرمز مان لنگهي ويا

واشنگٽن (م ڊ) وائيٽ هائوس ڳالهين جي ٻئين دور تي واضح موقف ڏيڻ کان لنوائيندي چيو ته ناڪابندي سان تهران پاران معاهدي جي خواهش وڌي سگهي ٿي، ٻئي پاسي آبنائي هرمز وٽ آمريڪي ناڪابندي باوجود 4 آئل ٽئنڪرز اُتان لنگهي ويا، شپنگ ڊيٽا موجب اُنهن مان هڪ ٽئنڪر چيني ملڪيت هيٺ آهي ۽ اُن ۾ چيني عملو سوار آهي. جڏهن ته آمريڪا دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ناڪابندي مان ڪوئي به بحري جهاز ايراني بندرگاهن کان ناهي گذريو، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) موجب ناڪابندي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ فوجي اهلڪار، درجين جنگي جهاز شامل آهن، 6 واپاري جهازن آمريڪي فورسز جي هدايتن تي عمل ڪندي پنهنجو رستو تبديل ڪيو ۽ واپس ايراني بندرگاهن ڏانهن ويا.