| آمريڪي ٽينس اسٽار وينس وليمز پراڻي دوست سان شادي ڪري ڇڏي |
واشنگٽن (اسپورٽس نيوز) آمريڪي ٽينس اسٽار وينس وليمز فلوريڊا ۾ اطالوي اداڪار اينڊريا پريٽي سان شادي ڪري ڇڏي. وينس وليمز ماضي ۾ اطالوي اداڪار ماڊل ۽ ڊزائنر اينڊريا پريٽي سان پنهنجي دوستي جي ڪري خبرن ۾ رهي آهي. جوڙي جي شادي جون تقريبون فلوريڊا جي پام بيچ ۾ 6 ڏينهن تائين جاري رهيون. هن موقعي تي وينس وليمز چيو ته سندس ڀيڻ سيرينا وليمز کيس هڪ قيمتي ياٽ تحفي ۾ ڏني ۽ ياٽ تي ويجهن خاندان جي ميمبرن کي رات جي ماني پڻ ڏني وئي ۽ سيرينا وليمز پاڻ ياٽ تي سڀني کاڌي جو بندوبست ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ٻيڙي تي 10 کان 12 گهرڀاتي ۽ دوست هئا، اسان هڪ بهترين هفتو گذاريو.