| آمريڪي پابندين بعد ڀارت ايران جي چابهار بندر کان ڌار، سيڙپ ضبط |
نئين دهلي/تهران/واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا طرفان ايران تي ٻيهر پابنديون لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ڀارت کي هڪ ٻيو وڏو ڌچڪو لڳو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت عملي طور ايران جي چابهار بندرگاهه کان ڌار ٿي رهيو آهي. ايران کي 120 ملين ڊالر ڏنا ويا آهن ڌار ٿيڻ کانپوءِ ايران اها رقم ڀارت جي شموليت کانسواءِ بندرگاهه تي سرگرمين لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. ڀارتي ميڊيا موجب، چابهار بندرگاهه جي ترقي ۽ آپريشن جي ذميوار پبلڪ سيڪٽر ڪمپني، انڊيا پورٽس گلوبل لميٽيڊ (آءِ پِي جِي ايل) جي بورڊ مان حڪومت جا نمائندا به گڏيل طور استعيفائون ڏئي چڪا آهن، آفيشل ويب سائيٽ کي غيرفعال ڪيو ويو آهي. چابهار بندرگاهه کان خاموشي سان عليحدگي واري معاملي تي اپوزيشن جماعت ڪانگريس طرفان مودي سرڪار تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. ڪانگريس اڳواڻ پون کيڙا سوال اٿاريندي چيو آهي ته سوال چابهار بندرگاهه يا روسي تيل جو ناهي، سوال اهو آهي ته مودي آمريڪا کي ڀارت جي ٻانهن مروڙڻ جي اجازت ڇو ڏئي رهيو آهي؟ مودي هڪ ڀيرو وري سرينڊر ڪيو آهي.