آمريڪي پاپ ڳائڻي بيونس ارب پتين جي لسٽ ۾ شامل

آمريڪي پاپ ڳائڻي بيونس ارب پتين جي لسٽ ۾ شامل

نيويارڪ (ڪلچرل ڊيسڪ) مشهور آمريڪي پاپ ڳائڻي بيونس ارب پتي ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي آهي، فوربس جي رپورٽ موجب بيونس ارب پتين جي لسٽ ۾ شامل ٿيندڙ پنجين موسيقار آهي. رپورٽ موجب امير ترين موسيقارن جي فهرست ۾ ٽيلر سوئفٽ، ريحانا، بروس اسپرنگسٽن ۽ جي-زي شامل آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بيونس جو ڪنٽري البم ‘ڪائو بواءِ ڪارٽر 2025’ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ڪنسرٽ ٽور ثابت ٿيو آهي. ڳائڻي جو ٽور 2024 ۾ جاري ڪيل سندس ميگا هٽ اسٽوڊيو البم “ڪائو بواءِ ڪارٽر کانپوءِ شروع ڪيو ويو، جنهن کي عالمي سطح تي تمام گهڻي موٽ ملي.. 2025 ۾، بيونس جي ڪل دولت هڪ ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي، جنهن ۾ ٽوئرنگ، ميوزڪ ڪيٽلاگ رائلٽيز ۽ اشتهارن جي معاهدن جي 148 ملين ڊالرن جي  آمدني شامل آهي.