| آمريڪي پاڙيسري ڪيناڊا جا چين سان رابطا، وزيراعظم جو دورو |
بيجنگ(م ڊ) ڪيناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني ۽ چيني صدر شي جن پنگ بيجنگ ۾ گريٽ هال آف دي پيپل ۾ ملاقات ڪئي. ڪيترن ئي سالن ۾ ڪنهن ڪينيڊا جي اڳواڻ جو چين جو هي پهريون دورو آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم ڪارني چيو ته ٻنهي ملڪن کي زراعت، توانائي ۽ معيشت ۾ فوري ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر شي جن پنگ چيو ته هي توهان جو پهريون دورو آهي جڏهن کان توهان عهدو سنڀاليو آهي ۽ اهو اٺن سالن ۾ ڪنهن ڪيناڊا جي وزيراعظم جو چين جو پهريون دورو آهي. شي جن پنگ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا هاڪاري نتيجا نڪتا آهن. هن وڌيڪ چيو ته چين- ڪيناڊا لاڳاپا عالمي امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ فائديمند آهن. وزيراعظم ڪارني چيو ته اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماضي ۾ بهترين لاڳاپن کي ٻيهر قائم ڪري نئون باب کولي سگهون ٿا. اسان ٻنهي پاسن جي ماڻهن لاءِ استحڪام، سلامتي ۽ خوشحالي آڻڻ جي ڪوشش ڪري سگهون ٿا ۽ ڪنداسين. صدر شي ان موقعي تي چيو ته گذريل سال ڏکڻ ڪوريا ۾ ايشيا-پئسفڪ اقتصادي تعاون جي اجلاس دوران ڪارني سان ملاقات کان وٺي، چين-ڪيناڊا لاڳاپن ۾ مثبت تبديلي آئي آهي.