ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو پنهنجي هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان فون تي رابطو ٿيو آهي
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ افغانستان سميت گڏيل علائقائي خدشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي
آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب انٽوني بلنڪن پاڪ امريڪا لاڳاپن ۾ هاڪاري ڀائيواري قائم رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن روس جي يوڪرين خلاف جنگ جي اثرن سميت پرامن ۽ مضبوط افغانستان تي ڳالهيون ڪيون
آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو ته اسان جمهوري ۽ خوشحال پاڪستان چاهيون ٿا، دهشتگردي خلاف پاڪستان سان شراڪتداري جاري رکنداسين، پاڪستان جي اقتصادي ڪاميابي امريڪا جي اولين ترجح آهي
آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان جي حمايت واري پروگرام جي منظوريءَ جي به آجيان ڪئي وئي
آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پاڪستاني عوام دهشتگرديءَ سبب سخت متاٿر ٿيو آهي، دهشتگرديءَ جي انت تائين پاڪستان سان سهڪار جاري رکنداسين
هن چيو ته بلاول سان هاڪاري ڳالهيون ٿيون، پاڪستاني جي معاشي بحالي ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهايو، امريڪا پاڪستان سان هاڪاري،جمهوري ۽ تعميري لاڳاپن جي حمايت ٿو ڪري