آمريڪي پرڏيهي وزير پابندي سبب نالو مٽائي چين پهتو

آمريڪي پرڏيهي وزير پابندي سبب نالو مٽائي چين پهتو

بيجنگ (م ڊ) چين ۾ پابندي باوجود مارڪو روبيو ٽرمپ سان گڏ چين ڪيئن پهتو؟ عرب ميڊيا تفصيل سامهون آڻي ڇڏيا، عرب ميڊيا موجب مارڪو روبيو جو دورو چين جي هڪ سفارتي پروٽوڪول جي ڪري ممڪن ٿيو، مارڪو روبيو جي دوري چين لاءِ نالي کي چيني لفظ لو سان تبديل ڪري مارڪو لو ڪيو ويو، چين سفارتي دستاويزن ۾ مارڪو روبيو جو نالو مارڪو لو ظاهر ڪيا، ان تبديلي لاءِ ڪم جي شروعات روبيو جي پرڏيهي وزير ٿيڻ بعد ڪئي وئي هئي، چين پاران مارڪو روبيو تي هانگ ڪانگ ڪريڪ ڊائون بابت بيان ڏيڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي، ان وقت هو سينيٽر هو.