تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

آمريڪي چونڊون ۽ سنڌ

1… دنيا جي زبردست جمهوريت، جنهن منجهه فيصلو نج عوام جي هٿن ۾ آهي، ڪهڙو اڳواڻ، ڪهڙي پارٽي ۽ ڪهڙو نظريو هن ملڪ ۾ ايندڙ 4 سال تائين حڪومت ڪندو، ملڪ جون پاليسيون ٺاهيندو اهو سڀ عوام جي هٿ ۾ آهي، مجال ناهي ته اميدوار خريد ڪيا وڃن، وڏيرن کي مٿان کان حڪم اچن ۽ آر ٽي ايس فيل ڪري نتيجا تبديل ڪيا وڃن، ها هر ملڪ جي اسٽبلشمينت ڪنهن حد تائين ميڊيا ذريعي اثرانداز ٿيندي هوندي جيڪا معاشري ۾ اوپينين ميڪنگ ذريعي ماڻهن جي ذهن سازي ڪندي هوندي، پر اظهار آزادي ۽ تعليم يافته معاشري ۾ آخر ۾ ووٽ ڪرڻ مهل هر شخص اميدوار چونڊن ۾ آزاد ۽ خودمختيار آهي ۽ هن کي يقين آهي ته سندس ووٽ ڳڻيو ويندو ۽ ووٽ ئي آخر ۾ فيصلو ڪندو.
2… ٽرمپ جي جام مخالفت صحيح، سندس پاليسيز سان لک اختلاف صحيح ۽ سچ پڇو ته ذاتي طور سندس خيال ڪافي ريڊيڪل هوندا آهن ۽ ڪورونا وائرس جي غلط پاليسز سبب هزارين جانيون ضايع ٿي ويون، هڪ ڳالهه جيڪا ٽرمپ جي مڃڻ گهرجي اُها اِها ته هن جي دور ۾ دنيا اندر امن امان رهيو، هن اوباما ۽ بش وانگر ٻين ملڪن تي فوجي چڙهايون ڪري بيگناهه ماڻهو نه مارايا، تنهن هوندي به منهنجي سوچ سدا ليفٽسٽ رهي آهي ۽ آئون انتهاپسند ساڄي ڌر جي اميدوار کي ڪڏهن به سپورٽ نٿو ڪري سگهان
3… آخري ڳالهه اها آهي ته دنيا جي اڪثريت وٽ ٻه چوائسز هونديون آهن، هنن کي ٻه آپشنز مليل آهن ته هو ٻنهي مان ڪنهن جي چونڊ ڪن ٿا، هر اميدوار ۽ پارٽي کي خبر آهي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ڏنل منشور تي، ڪيل واعدن تي عمل نه ڪيو، ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته عوام اسان کي پٽ تي ڪيرائي متبادل اميدوار کي اڳيان آڻيندو، ۽ اها ئي جمهوريت آهي، سنڌ اهو بدنصيب خطو آهي دنيا جو جنهن وٽ اهو آپشن ئي ناهي، سنڌي عوام تاحيات ڀٽي صاحب جا قرضي رهندا، اها پارٽي سندن ٻيٽ، زمينون، وسيلا ۽ اهم قومي اشوز تي سودا ڪري پر انهي کي خبر آهي ته ووٽ سندن آهي، اسان دنيا جي انهن بدبخت عوام منجهان آهيون جن وٽ ٻه نه پر هڪ ئي آپشن آهي. آخر ۾ آئون اليڪشن جي اڳڪٿي ڪريان ٿو ته بائيڊن کٽندو. (ظفر علي جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *