آمريڪي ڪارروائي جي مقابلي لاءِ تيار، اسرائيلي ظلمن تي خاموش يورپي يونين کي جواب ڏينداسين: ايران

آمريڪي ڪارروائي جي مقابلي لاءِ تيار، اسرائيلي ظلمن تي خاموش يورپي يونين کي جواب ڏينداسين: ايران

تهران (م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي يورپي يونين کي پابندين کي رد ڪندي انهن خلاف انتقامي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ايران يورپي يونين سان دشمني نٿو چاهي پر اسين ڪنهن به پابندين جي خلاف جوابي ڪارروائي ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ ٻن سالن کان وڌيڪ نسل ڪشي کان پوءِ جنهن ۾ 70,000 فلسطيني مارجي ويا، يورپي پارليامينٽ کي اسرائيل خلاف ڪا به حقيقي ڪارروائي نه ڪئي آهي. جرمن چانسلر جي ايران بابت تبصري جو جواب ڏيندي عراقچي چيو ته جرمن حڪومت شايد ‘انساني حقن’ بابت ڳالهائڻ لاءِ سڀ کان گهٽ موزون آهي. جرمن چانسلر  اسان سڀني تي هڪ احسان ڪري، ڪجهه شرم ڪري. ٻئي طرف الجزيره سان ڳالهائيندي عباس عراقچي چيو آهي ته ايران ڪنهن به امڪاني آمريڪي ڪارروائي جو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. ايران جي تياري جون 2025 ۾ آمريڪي هوائي حملي جي وقت کان گهڻي وڌيڪ آهي. پر اميد ته هڪ دانشمنداڻو رستو اختيار ڪيو ويندو. ايران جي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو حڪومت جو فيصلو دهشتگرد سرگرمين جي ڪري ڪيو ويو پرڏيهي حڪمن دهشتگردي شروع ٿي، تڏهن حڪومت انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. عباس عراقچي 8 جنوري جي احتجاجن کي 12 ڏينهن جي ايران-اسرائيل جنگ جو 13 هون ڏينهن سڏيو ۽ چيو ته دشمن هن جنگ ۾ جيڪو حاصل نه ڪيو، اهو هتي ٻئي طريقي سان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.